ڊائو اسپتال اوجها ڪئمپس ۾انتظاميا جي بي حسي، نرسنگ امتحان ڏيندڙ شاهپور چاڪر واسي نوجوان فوت

گلشن اقبال(رپورٽ:شفقت نوناري)ڪراچي ڊائو اسپتال اوجھا ڪئمپس ۾  امتحان دوران اڻپورا انتظام ھئڻ سبب ٻوساٽجي نوجوان شاگرد فوت وارثن ۽ شاگردن جو يونيورسٽي انتظاميا خلاف 11 آگسٽ تي پرو وي  سي جي آفيس آڏو احتجاج جو چتاء خبرموجب ـ ڪراچي جي ڊائو اسپتال جي اوجھا ڪئمپس ۾ نرسنگ امتحان لاءِ ڇنڇر ڏينھن مختلف علائقن مان شاگردن کي سڏايو ويو جتي شاميانا لڳائي انھن شاگردن کان امتحان ورتو ويو جنھن دوران پکن ۽ پاڻي جو بندوبست نـ ڪيو ويو جنھن سبب ھڪ شاگرد شاھپور چاڪر امير بخش شر اڃ لڳڻ ڪري انويجيليٽر کان پاڻي پيئڻ لاءِ ٻاھر وڃڻ جي اجازت گھري تـ ھن کيس ٻاھر وڃڻ نـ ڏنو جنھن دوران ھو بيھوش ٿي اڌ ڪلاڪ تائين تڙپندو رھيو اڃ ۽ ٻوسٽ سبب بي حال ٿي بيھوش ٿي ڪرڻ بعد شاگرد کي ڊائو يونيورسٽي انتظاميا طرفان علاج لاءِ اسپتال نـ کڻايو ويو جنھن بعد بيھوش ٿي ويل نوجوان کي ساٿي شاگردن ڪلھن تي کڻي اسپتال اندر موجود ٽراما سينٽر پھچايو جتي نوجوان جي حالت ڳڻتي جوڳي ڏسي ڊائو اسپتال انتظاميا پنھنجي جند آجي ڪرڻ لاءِ معمولي علاج ڏيڻ بعد اين آءِ سي وي ڊي ڏانھن منتقل ڪيو جنھن دوران امير بخش رستي ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪيو اھڙي واقعي بعد فوتي شاگردن جي وارثن ۽ سندس ڪلاس فيلو شاگردن طرفان ڊائو اسپتال انتظاميا جي نااھليءَ خلاف احتجاج ڪيو جڏھن تـ اھڙي افسوس ناڪ واقعي تي ينگ نرسنگ ايسوسيئيشن پاڪستان جي صدر ڊاڪٽر اعجاز ڪليري جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن پيرا ميڊيڪل اسٽاف اڳواڻ ڊاڪٽر رئوف مغيري سخت ڳڻتي جو اظھار ڪندي واقعي جي مذمت جو اظھار ڪندي چيو تـ ڊائو اسپتال يونيورسٽي وڏي بجيٽ رکندڙ ادارو ھوندي بـ اسٽيڪ ھولڊرن شاگردن جو تحفظ نـ پئي ڪري سندن انتظامي نااھليء غفلت سبب نوجوان شاگرد فوت ٿيو آھي تـ ٻين ملازمن جي صورتحال ڪھڙي ھوندي اڳواڻن چيو تـ 11 آگسٽ تي ڊائو اسپتال جي پرو وي سي جي آفيس آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري نااھل وي سي کي ھٽائڻ ۽ فوتي شاگرد جي خون سان انصاف تائين جدوجھد جاري رکي ويندي ھنن وڌيڪ چيو تـ اھڙي افسوس ناڪ واقعي جي جوڊيشل انڪوائري پڻ ڪرائي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.