ڀارتي فورسز هٿان سجاول واسي مهاڻو گرفتار، 5 ٻيڙيون ضبط

سجاول (رپورٽ: منظور احمد ميمڻ) ڀارتي بارڊر سيڪيورٽي فورسز عربي سمنڊ جي حرامي ڍوري مان ھڪ پاڪستاني ماهيگير ۽ پنج  ٻيڙين کي پڪڙي ورتو، جڏهن ته ڏهن کان وڌيڪ ماهيگيرن سمنڊ ۾ ٽپو ڏيئي جان بچائي پنھنجي ماڳ تي پھچي ويا ، ٽي ڏينهن اڳ به ڀارتي فورسز ٻه ٻيڙيون پڪڙي ورتيون هيون، جن مان ڇهن ماهيگيرن ڀڄي جان بچائي ورتي ھئي، ھندستاني فورسز ھٿان ڪالھه گرفتار ٿيل ماهيگير پيار علي ولد گولو ملاح جو تعلق جاتي تعلقي جي ساحلي پٽي واري ڳوٺ زيرو پوائنٽ سان ٻڌايو پيو وڃي، جنھن ڳوٺ جا 15 ماهيگير اڳ ئي ڀارتي جيلن ۾ سالن کان قيد آھن. فشرفوڪ فورم جي مرڪزي وائيس چيئرمين نور محمد ٿهيمور انڊين فورسز پاران ماهيگيرن جي گرفتاري جي پرزور لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آھي ته ڀارتي فورسز هٿان گرفتار ڪيل مسڪين ماهيگير پيار علي ملاح پنهنجي ساٿي ملاحن سان مڇي جو شڪار ڪري رهيو هو ته ڀارتي فورسز سندن مٿان ڪاھ ڪري کيس گرفتار ڪري ورتو، ياد رھي ته هن هڪ وڌيڪ ماهيگير جي گرفتاريء سان ڀارت ۾ قيد سجاول ضلعي جي ماهيگيرن جو تعداد وڌي 54 ٿي ويو آھي. جن جا خاندان ٻيو ڪو سھارو نه ملڻ ڪري بک ۽ بدحالي جو شڪار بڻيل آھن، جن پڻ پاڪستاني سرڪار کان سندن قيد ماھيگيرن جي آزادي جو مطالبو ڪيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.