ڪراچي ۾جيئي سنڌ محاذ جي سڏ تي ڌارين جي آبادڪاري خلاف ريلي، احتجاج

گلشن اقبال (ن ع آ) جيئي سنڌ محاذ طرفان ڌاري آبادڪاري ۽ افغان پناھگيرن کي نيڪالي ڏيڻ لاء وڪلي سوسائٽي کان ھٿن ۾ بئنر ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ سنڌ عورت تنظيم طرفان پڻ شرڪت ڪئي وئي نڪتل ريلي مختلف رستن کان ٿيندي ماروئڙا چوڪ پھتي جتي احتجاجي ڌرڻو ھنيو ويو ان موقعي تي صحافين سان ڳالھائيندي جيئي سنڌ محاذ جي سربراھ عبدالخالق جوڻيجو چيو تـ ڌاريا سنڌ جي وجود لاء خطرو بڻجي چڪا آھن گذريل 40 سالن کان ھڪ منظم سازش تحت سنڌ جي راڄڌاني واري شھر ڪراچي ۾ ڌاري آبادڪاري کي حڪمران ڌر ھٿي ڏئي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪري پئي جيئي سنڌ محاذ شروع کان وٺي اھڙي عمل جي مخالفت ۾ جدوجھد ڪندي رھي آھي ھاڻ حالتون سنگين ٿينديون پيون وڃن . سنڌ جي عوام کي متحد ٿي ڌاري آبادڪاري خلاف منظم جدوجھد ڪرڻ پوندي ھن وڌيڪ چيو تـ افغان پناھگير دھشتگردي منشيات فروشي ھٿيارن جي واپار ۽ ٻين ڏوھي سرگرمين ۾ ملوث آھن جن کي ھاڻ واپس ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.