خيرپور ڀرسان کجين جي باغ مان اڻڄاتل نوجوان جو لاش هٿ

خيرپور ( ڊ ر   ) شاھ لطيف ٿاڻي جي حد گورنمينٽ ممتاز ڪاليج ڀرسان داد شاه قبرستان لڳ کجين جي باغ مان نامعلوم نوجوان شخص  جو لاش هٿ آهيو جڏهن ته اهڙو اطلاع علائقي واسين حد جي پوليس کي ڏنو جنهن بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي سول اسپتال  خيرپور منتقل ڪري ڇڏيو  جڏهن ته دير تائين  لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان جو لاش سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي پوسٽ مارٽم بعد نوجوان جي فوت ٿيڻ جو سبب معلوم ٿيندو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.