ميرپور ماٿيلي مان گم ٿيل ٻن همراهن جي ڳولا ۾ مدد لاءِ ڌرڻو

ميرپورماٿيلو (رپورٽ پريم راٺوڙ) ميرپورماٿيلي ۾ 4 ڏينهن اڳ گهوٽڪي مان گم ٿي ويل شھزادو ڪٽپر ۽ نعمت الله ڪٽپر جا وارث ميرپورماٿيلو پهچي ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ان  موقعي تي اڳواڻن چيو آهي ته شاهن فقير، عقيل احمد، خادم حسين ڪٽپر ۽ ٻين چيو ته شهزادو ڪٽپر ۽ نعمت الله جيڪي 4  ڏينهن اڳ پنهنجي ڳوٺ ٽي گھاٽي کان گھوٽڪي وڃي رهيا هئا ته فارم کان گم ٿي ويا آهن اسان کي شڪ آهي ته هنن کي ڪنهن اغوا ڪيو آهي ڇو ته ٻنهي جا فون بند آهن ۽ 4 ڏينهن گذري ويا آهن ڪٿي به ڏس پتو ناهي مليو، هنن ايس ايس پي گهوٽڪي کان ٻنهي نوجوانن جي ڳولا ۾ مدد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي..

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.