فارن فنڊنگ ڪيس: جاچ دوران ملازمن ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪري ڇڏيا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) جي اڪنامڪ ڪرائم ونگ پي ٽي آءِ جي پابندي مڙهيل پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

جاچ ٽيمن جي رهنمائي ۽ ڪوآرڊينيشن لاءِ ڊائريڪٽر ٽريننگ ڊاڪٽر اطهر وحيد جي سربراهي ۾ 5 رڪني اسپيشل مانيٽرنگ ٽيم پڻ جوڙي وئي.

ايف آءِ اي زونز پنهنجي پنهنجي دائري ۾ ايندڙ ڪمپنين ۽ معاملن جي جاچ ڪندا.

اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کانپوءِ ايف آءِ اي پاڪستان تحريڪ انصاف جي پابندي پيل پرڏيهي فنڊنگ بابت گهرو وزارت کان هدايتون ملڻ بعد باضابطه جاچ شروع ڪندي دائرو وسيع ڪري ڇڏيو.

ڪجهه ملازمن کي نوٽيس جاري ڪري بيان به رڪارڊ ڪرايا ويا آهن، ان سان گڏ، ڊائريڪٽر ٽريننگ ايف آءِ اي اطهر وحيد جي سربراهي ۾ 5 رڪني اسپيشل مانيٽرنگ ٽيم جوڙي وئي آهي ته جيئن جاچ کي تيز ڪري سگهجي ۽ سمورن اهم مانيٽرنگ زونز کي آن بورڊ رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ٽيم جي ميمبرن ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر خالد انيس، ڊپٽي ڊائريڪٽر خواجه حماد، چوڌري اعجاز احمد ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اعجاز احمد شيخ شامل آهن.

اسپيشل مانيٽرنگ ٽيم ايف آءِ اي جي زونل انڪوائري ٽيمن وچ ۾ رابطي ۽ رهنمائي جا فرض انجام ڏيندي.

ايف آءِ اي تحريڪ انصاف خلاف جاچ جو دائرو سڄي ملڪ تائين وڌائي ڇڏيو.

ان حوالي سان ڊائريڪٽر اڪنامڪ ڪرائم ونگ ايف آءِ اي، ڊي جي ايف آءِ اي محسن بٽ جي منظوري سان سمورن زونل هيڊز ڊائريڪٽر ايف آءِ اي اسلام آباد زون، ڪي پي زون، پنجاب زون ون لاهور پنجاب، زون 2 فيصل آباد، سنڌ زون 2 ۽ ڊائريڪٽر بلوچستان ڏانهن خط پڻ موڪليو ويو آهي.

ذريعن موجب ايف آءِ اي جي سڄي ملڪ ۾ قائم زونل آفيسرن ۽ سرڪل انچارجز کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو پنهنجي دائري ۾ رهي جاچ شروع ڪري مڪمل سهڪار ڪن.

ان حوالي سان ايف آءِ اي ٻين وٽان ڄاڻ پڻ حاصل ڪري رهي آهي جنهن ۾ انڪم ٽيڪس اختياريون، سيڪيورٽي ايڪسچينج ڪميشن وغيره شامل آهن.

شروعاتي جاچ ۾ اليڪشن ڪميشن جي رپورٽ ۾ نامزد 4 ملازمن کي طلب ڪيو ويو، جن ۾ عمران خان جو پرسنل سيڪريٽري ۽ پارٽي جو جنرل مئنيجر فنانس به شامل آهي.

انهن مان محمد رفيق، طاهر اقبال، محمد ارشد کان جاچ ڪئي وئي. ٽنهي ملازمن پنهنجا شروعاتي بيان رڪارڊ ڪرايا.

محمد ارشد چيو ته کيس خبر ناهي ته فنڊنگ ڪير ڪٿان موڪليندو هو.

طاهر اقبال جو چوڻ هو ته اڪائونٽس ۾ ايندڙ رقم پارٽي جي فنانس مئنيجر کي ڪيش يا چيڪ ذريعي ڏني ويندي هئي.

فارن فنڊنگ ٻين اڪائونٽس کانسواءِ ملازمن جي سيلري اڪائونٽ ۾ به ايندي رهي.

محمد رفيق چيو ته مون کان صحيح ڪيل بلينڪ چيڪ پي ٽي آءِ فنانس ڊيپارٽمينٽ وٺندو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.