ڇا توهان جا وار ڪمزور آهن؟ ته پوءِ تيل ۾ هرٻو شامل ڪريو، وار ايترا مضبوط ۽ گهاٽا ٿيندا جو توهان حيران ٿي ويندا.
آئنرن جي تيل کي پين ۾ وجهي گرم ڪيو، ان ۾ هرٻي جا داڻا هڪ چمچو شامل ڪيو پوءِ ٿڌو ڪيو.
ان کانپوءِ ان ۾ ڪلونجي جي تيل جو هڪ چمچو وجهي سٺي نموني رلايو ۽ ان کي هفتي ۾ 2 ڀيرا لڳايو يا جڏهن به مٿي ۾ تيل لڳائڻو هجي ته اهو مڪسچر استعمال ڪيو.
جيڪڏهن توهان سٺا نتيجا حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ته ان کي روزانو وارن ۾ لڳائيندا رهو.