ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) جاپان جي شهر هيروشيما تي ايٽم بم ڪيرائڻ کي 77 سال گذرڻ جي موقعي تي تقريب ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل خبردار ڪيو ته يوڪرين تي روسي حملي کانپوءِ هٿيارن جي نئين ڊوڙ شروع ٿي سگهي ٿي.
انتونيو گوتريس چيو ته مختلف ملڪن وٽ لڳ ڀڳ 13 هزار ايٽمي هٿيار آهن ۽ وچ اوڀر، ڪوريا ۽ يوڪرين ۾ ايٽمي حملي جو خطرو وڌي رهيو آهي.
هيروشيما شهر ۾ ٿيل تقريب ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي.
1940ع ۾ هيروشيما تي ايٽمي حملي ۾ 140,000 ماڻهو مارجي ويا.