عامر لياقت جي پوسٽ مارٽم جو معاملو: اڳوڻي گهرواري وڏو قدم کڻي ورتو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مرحوم عامر لياقت جي قبر ڪشائي  جي حڪم کي معطل ڪرڻ لاءِ سندس اڳوڻي گهرواري بشريٰ اقبال سيشن ڪورٽ ۾ نظرثاني درخواست جمع ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

بشريٰ اقبال ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته اسان مرحوم عامر لياقت جي قبر ڪشائي جي حڪم کي معطل ڪرڻ لاءِ سيشن ڪورٽ ۾ نظرثاني جي درخواست جمع ڪرائي رهيا آهيون.

هن چيو اميد آهي ته الله ان معاملي کي احمد ۽ دعا (پٽ ۽ ڌيءَ) جي حق ۾ حل ڪندو.

واضح رهي ته ان کان اڳ عامر لياقت جي ٽين گهرواري دانيا ملڪ سوشل ميڊيا تي پيغام جاري ڪيو هو ته عامر لياقت جو پوسٽ مارٽم ٿيڻ گهرجي ۽ ضرور ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.