ڪلوئي ۾ برساتي پاڻي واري کڏ ۾ ٻه ٻارڙا ٻڏي ويا، هڪ فوت

ڪلوئي (رپورٽ: نواز لنڊ ) ڪلوئي ۾ برسات جي پاڻي واري کڏ ۾ راند ڪندي ٻه ٻارڙا ٻڏي ويا، هڪ فوت هڪ کي بدين ريفر ڪيو ويو، خبر موجب ڪلوئي لڳ ڳوٺ خميسو ڪلوئي ۾ ابوبڪر ڪلوئي ۽ ربنواز ڪلوئي جا ست ورهين جي مهراڻ ڪلوئي ۽ ڇھه ورهين جو ذوالفقار ڪلوئي گهر ڀرسان راند ڪري رهيا هئا ته سندن پير سلپ ٿي ڪري کڏ ۾ ڪري پيا جنهن کان پوءِ مقامي ڳوٺاڻان شهر جي خانگي اسپتال ۾ کڻائي آيا جتي ذوالفقار پٽ ربنواز ڪلوئي فوت ٿي ويو جڏهن ته مهراڻ ڌي ابوبڪر ڪلوئي کي بدين ريفر ڪيو ويو آهي، واضح رهي ته ڪلوئي تعلقي هئڻ باوجود فوتي ٻارڙي جي لاش ۽ بهوش نياڻي کي وارث موٽر سائيڪل تي کڻي شهر جي اسپتالن ۾ ڊوڙندي رهيا پر صحت کاتي جي نااهلي سبب کين ايمبولينس نه ملي سگهي ۽ هوش ۾ آيل ٻارڙي کي وارث پرائيويٽ گاڏي ۾ وڌيڪ علاج لاءِ بدين کڻائي ويا جڏهن ته معصوم ٻارڙي جي فوت ٿيڻ جو ٻڌي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.