ڪامريڊ جوشيلو ۽ ٻين جي گرفتاري خلاف ڄامشورو ۾ احتجاج

ڄامشورو( ڊ ر ) ڄامشورو ۾ ڌاريا آبادڪاري خلاف پرامن احتجاج ڪرڻ جي ڏوھ ۾ گرفتار ڪري جيل موڪليل سماجي تنظيم شاھ لطيف ويلفيئر ايسوسيئشن (شلوا) جي چئيرمين ڪامريڊ جوشيلو سنڌي جي آزادي لاء ڄامشورو شهري ايڪشن ڪميٽيء جي سڏ تي چيئرمين ربنواز ابڙو, دربان عالماڻي, نبيداد لغاري, علي جان سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ۽ ڪامريڊ جوشيلو سنڌي جي آزادي لاء ۽ ڄامشورو پوليس جا ناجائزي خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي, جڏهن ته احتجاج ۾ ڄامشورو جي سياسي سماجي اڳواڻن ايس ٽي پي اڳواڻ ساگر عالماڻي, ڪوهستان عوامي اتحاد چيئرمين محمد بخش مري, فنڪشنل ليگ اڳواڻ فقير حق نواز برهماڻي, سنڌي ادبي سنگت اڳواڻ اديب دانشور گلشر ڪوريجو, شهيد ڀٽو اڳواڻ سليمان ڀلائي, شلوا اڳواڻ عارب خان, سنڌ يونيورسٽي جي ملازم اڳواڻ سليم لاکو, مير البحر اڳواڻن اڪرم ملاح, ديدار ڀلائي, حبيب الله آمڙو, آزاد سنجراڻي, راڻا ڪاليا بروهي ۽ هوش محمد برفت سميت وڏي انگ ۾ شهرين پڻ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته پرامن احتجاج ڪندڙ ڄامشورو جي سماجي شخصيت جهوني ڪامريڊ جوشيلو سنڌي ۽ ٽن بيگناھ نوجوانن کي گرفتار ڪري جيل موڪلڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي، هنن چيو ته ڪامريڊ جوشيلو سنڌي هڪ پرامن شهري ۽ سماجي اڳواڻ آهي ڄامشورو پوليس پٺاڻن ۽ انهن جي ونگارين کان رشوت وٺي 70 سالن جي بزرگ ڪامريڊ جوشيلو سنڌي تي فائرنگ ۽ وڳوڙ ڪرڻ جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي، هنن چيو ته ڪيس جي جاچ ڪرڻ لاءِ ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران جوڙيل جاچ ٽيم به پٺاڻن ۽ انهن جي ونگارين جي ونگار وهندي ڪيس جي شفاف جاچ نه ڪئي ڪامريڊ جوشيلو سنڌي ۽ ان سان گڏ گرفتار ڪيل بيگناھ نوجوانن وقار پنهور، غلام حسين تنيو ۽ عرفان چانڊيو کي آزاد ڪيو وڃي ۽ معاملي جي ٻيهر عدالتي جاچ ڪرائي وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.