موهن جو دڙو جي آثارن ٻُڌ ڌرم جو ناياب مجسمو هٿ

ڏوڪري (رپورٽ: قاضي آفتاب) تازين برساتن بعد قديم ماڳ موهن جو دڙو جي اڻ کوٽيل آثارن مٿان ڪيتريون ئي ٺڪر جون تاريخي شيون ظاهر ٿيڻ لڳيون آهن، برسات بعد ٻين صدي عيسوي جي دور جو ٻُڌ ڌرم سان تعلق رکندڙ ننڍي سائيز جو ناياب مجسمو هٿ آيو آهي. مقامي گائيڊ ارشاد سولنگي چيو موهن جي دڙي جي ماڳ جي ڊي ڪي ايريا(اتر طرف) ۾ سياحن کي گهمائڻ دوران برسات سبب  پيل هڪ گهاري مان ٻُڌ مذهب جي دور جو هڪ ننڍي سائيز جو مجسمو 2 حصن ۾ مليو آهي.موهن جي دڙي جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته ھٿ آيل ناياب مجسمي بابت ماهرن سميت ڊي جي نوادرات منظور احمد ڪناسرو کي آگاهي ڏني وئي آهي.هٿ آيل مجسمو 2 کان 3 صدي عيسوي جي دور ۾ ٻڌ مذهب جي مااڻهن ٺاهيو ھوندو ڇاڪاڻ تہ ان دور ۾ تيار ٿيل اهڙا مجسما موهن جو دڙو سميت ٻين تهذيبي آثارن مان بہ مليا آهن. هتان کوٽائي دوران اڳ بہ ڪنگ پريسٽ جو مجسمو  بہ مليو  آهي. موهن جي دڙي جو انجنيئر نويد حسين سانگاهه سان رابطو ڪرڻ تي ھن ٻڌايو ته هٿ آيل مجسمي کي ليبارٽري موڪليو آهي وڌيڪ تحقيق بعد ۾ ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.