پٿورو(ن ع آ )پٿورو ٻين شھرن جيان پٿورو ۾ به ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جي اظھار لاء گورمنٽ هائير سيڪنڊري اسڪول پٿورو کان استادن شاگردن شھرين اسسٽنٽ ڪمشنر پٿورو ۽ ٽائون آفيسر پٿورو تعلقه ايجوڪيشن آفيسر پٿورو ڊي ايس پي پٿورو ۽ ايس ايڇ هو پٿورو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي جنھن ۾ وڏي تعداد ۾ مختلف کاتن جي سرڪاري ملازمن ۽ پٿوري جي شھرين شرڪت ڪئي ريلي هائير سيڪنڊري اسڪول کان پريس ڪلب پھتي ريلي م پاڪستان زنده آباد، پاڪ آرمي زنده آباد جا نعرا لڳندا رھيا.،ريلي ۾ شريڪ ٿيندڙن چيو ته اڄوڪو ڏينھن ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي طور ڪارو ڏينهن ڪري ملهايو پيو وڃي هي ظلم ۽ بربريت وارو ڏينھن آھي پاڪستان جي پوري قوم ڪشميري ڀائرن سان گڏ آهي،ڪشميري ڀائرن جي حقن لاء اسان پاڪ آرمي، رينجرز ۽ پوليس سان گڏجي جدوجهد ڪندا رھنداسين