قاضي احمد لڳ ٿاڻي آڏو جهيڙو، 4 ڄڻا رتورت

قاضي احمد (ن ع آ)قاضي احمد لڳ ڳوٺ لاکاٽ ۾ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين معمولي ڳالهه تان پوليس ٿاڻي جي سامھون جھيڙو ٿي  پيو، جھيڙي ۾ لٺيون، سروٽا ۽ ڪھاڙيون لڳڻ ڪري ٻنھي ڌرين جا 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، لاکاٽ پوليس تماشو ڏسندي رھي زخمين کي طبي امداد لاءِ سول اسپتال قاضي احمد پھچايو جتي زخمين کي طبي امداد ڏنو ويو زخمين ۾ ھڪ ڌر جا آصف جتوئي، مور جتوئي، سجاد جتوئي ۽ ٻي ڌر جو حق نواز جتوئي شامل آهن، زخمي حق نواز جتوئي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آهي ته اڄ ڦٽيون رکڻ جي ڳالھه تان منهن ماري ٿي ھئي جنھن جي دانهن اسان ايس ايڇ او لاکاٽ دائود رند کي ڪئي اسان کي خدشو ھو مخالف ڌر اسان مٿان حملو ڪندي ايس ايڇ او اسان جي ڳالهه اڻ ٻڌي ڪري واپس ڪري ڇڏيو ۽ پوليس ٿاڻي جي سامھون اسان ٻنھي ڌرين جو اوطاقون آهن جتي پوليس جي سامھون اسان مٿان مخالف ڌر گارگند ڪري حملو ڪيو ۽ پوليس تماشو ڏسندي رھي. اسان ايس ايس پي شھيد بينظير آباد ۽ ٻين اعليٰ اختيارن کي اپيل ڪيون ٿا ته اسان کي حملي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري تحفظ فراھم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.