عادلپور مان مبينا اغوا ٿيل پرڻيل عورت آزاد نه ٿي، احتجاج

گهوٽڪي ( ڊ ر ) عادلپور ويجهو چنگلاڻي مان مبينه طور تي اغوا ٿيل ٽن ٻارڙن جي ماءُ رخسانه لانگاهه جو ڏس پتو نه پيو حد جي ٿاڻي تي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ٿيڻ باوجود ڪابه اڳڀرائي نه ٿي سگهي سندس مڙس جو  گهرواري جي بازيابي لاءِ احتجاج ، پورهيت حسن علي لانگاه جو چوڻ آهي ته سندس گهرواري کي آئيس ڪريم کپائيندڙ صادق چاچڙ ۽ سندس ساٿي گهر مان اغوا ڪري ويا آهن هن جي بازيابي ۾ مدد ڪئي وڃي ، عادلپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ چنگلاڻي جي رهواسي حسن علي پٽ گل حسن لانگاهه گهوٽڪي پهچي احتجاج ڪندي چيو آهي، گهرواري رخسانه لانگاهه جيڪا ٽن ٻارڙن جي ماءُ آهي کيس اغوا ڪيو ويو اهڙو ڪيس مک جوابدار صادق چاچڙ مٿان داخل ٿيڻ باوجود پوليس ڪابه اڳڀرائي نه ڪري سگهي آهي،  هن چيو ته گهرواري کي اغوا ٿئي 8 مهينا ٿي چڪا آهن ۽ هن جي معصوم ٻارڙن سميت سمورا گهر ڀاتي پريشان آهن  هن نئين آيل ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير تنيو کان مطالبو ڪيو ته هن جي گهرواري کي بازياب ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.