روس کان ڪڻڪ وٺڻ وارو معاملو: ناڻي وزارت اگهن ۾ ڦير ڦار ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل جي صدارت هيٺ اي سي سي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ روس کان حڪومتي سطح تي ڪڻڪ خريداري واري معاملي جو جائزو ورتو ويو.

اي سي سي روس کان 390 ڊالر في ميٽرڪ ڪڻڪ خريد ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي.

روس طرفان وڌيڪ اگهه جي مطالبي جي صورت ۾ ٽينڊر رد ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

اي سي سي کي بريفنگ ڏني وئي ته عالمي منڊي ۾ ڪڻڪ جي اگهن ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي، روس پاڪستان کي 410 في ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ڏيڻ جي آڇ ڪئي هئي.

ناڻي وزارت موجب وزيراعظم طارق فاطمي جي سربراهي ۾ ڪاميٽي قائم ڪئي هئي، ڪاميٽي روسي سفارتخاني کان ڪڻڪ جي خريداري لاءِ ڳالهيون ڪيون، روس بعد ۾ 405 ڊالر في ميٽرڪ ٽن جي آڇ ڪئي هئي.

پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان روس کي 399.50 ڊالر في مٽرڪ ٽن اگهه جي تجويز ڏني، پاڪستان روس کان هڪ لک 20 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ چاهي ٿو.

اي سي سي 25 مئي تي پرڏيهه مان 3 لک ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.