پرڏيهي فنڊنگ ۽ نااهلي ريفرنس تي اليڪشن ڪميشن جو عمران خان کي نوٽيس

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پابندي پيل فنڊنگ ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.

پي ڊي ايم طرفان اليڪشن ڪميشن ۾ داخل نااهلي ريفرنس تي چيئرمين پي ٽي آءِ کي 18 آگسٽ جڏهن ته ممنوع فارين فنڊنگ واري معاملي تي 23 آگسٽ تي طلب ڪري ورتو آهي.

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان موجب عمران خان کي 23 آگسٽ لاءِ نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.

ڪاز لسٽ موجب اليڪشن ڪميشن 23 آگسٽ جي صبح 10 وڳي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي.

انکانسواءِ پاڪستان ڊيموڪريٽ پارٽي طرفان ممنوع فنڊنگ ڪيس جي فيصلي جي روشني ۾ عمران خان جي نااهلي اليڪشن ڪميشن ۾ داخل ريفرنس تي پڻ عمران خان کي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.

ان معاملي تي اليڪشن ڪميشن عمران خان کي18 آگسٽ تي ڪري ورتو آهي عمران خان جي نااهلي ريفرنس تي ٻڌڻي 18 آگسٽ تي ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.