پي ٽي آءِ کي جهٽڪو، اليڪشن ڪميشن وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي جي 9 تڪن ۾ ننڍي چونڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب اين اي 22مردان 3، اين اي 24 چارسده 2، اين اي 31 پشاور 5، اين اي 45 ڪرم 1، اي اي 108 فيصل آباد، اين اي 118 ننڪانه صاحب2، اين اي237 ملير 2، اين اي 239 ڪراچي 1 ۽ اين اي 246 ڪراچي ڏکڻ 1 ۾ ننڍي چونڊي ٿيندي.

 

ترجمان ٻڌايو ته قومي اسيمبلي جي نو تڪن تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ 25 ڊسمبر تي ٿيندي جڏهن نامزدگي ڪاغذ 10 آگسٽ کان 13 آگسٽ تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿا.

ترجمان موجب اليڪشن ڪميشن نامزدگي  ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ 17 آگسٽ تي ڪندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.