اين اين 157 تي شاهه محمود جي نياڻي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا

ملتان(م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته موجوده حڪومت وٽ معيشت جي بهتري جو ڪو به منصوبو ناهي، ملتان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته حڪومت آءِ ايم ايف کي لکي ڏنو آهي ته هر مهيني پيٽرول جي ليوي ۾ 10 رپيا في ليٽر اضافو ڪنداسين، ايندڙ 5 مهينن تائين پيٽرول جي ليوي ۾ اضافو ٿيندو رهندو، جنهن جو اثر اسان جي زرعي شعبي تي پوندو، هن چيو ته مون کي اهو ٻڌي حيراني ٿي ته مفتاح اسماعيل پريس ڪانفرنس ۾ چوي ٿو ته مان مهانگائي گهٽ ڪرڻ لاءِ  نه آيو آهيان، هاڻي ته تجربيڪارحڪومت آهي، ان جو نتيجو اهو آهي ته اسان وٽ ناڻي جو ڦهلاءُ ڪجهه مهينن ۾ وڌي 38 سيڪڙو تائين پهچي چڪو آهي جيڪو اسان جي حڪومت ۾ ساڍا 16 سيڪڙو تائين هو، هن چيو ته اين اي 275 تي منهنجي ڌيءُ مهربانو عمران خان جي هدايت تي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن، معاشري جي تبديلي ۾ پڙهيل لکيل عورت جو وڏو ڪردار آهي، پاڪستان جي اڌ آبادي عورتن تي مشتمل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.