سينيٽ مان به نيب ترميمي بل منظور، اپوزيشن جو گوڙ، واڪ آئوٽ، سڄاڻ حلقن ۾ ڳڻتي

اسلام آباد(م ڊ) قومي اسيمبلي نيب قانونن جي حوالي سان وڌيڪ ترميمن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن تحت 50 ڪروڙ کان گهٽ جا ڪرپشن ڪيس نيب جي دائري کان ٻاهر ٿي ويندا،جڏهن ته بل سينيٽ مان  به منظور ٿي ويو، پي ٽي آءِ سميت اپوزيشن ميمبرن احتجاج ڪيو ۽ بل جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون، سينيٽ چيئرمين جي ڊائس جو گهيرو ڪيو ويو، بل پيش ٿيڻ وقت پي ٽي آءِ ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو، سينيٽ ۾ بل پيش ڪندي قانون واري مملڪتي وزير شهادت اعواڻ چيو ته هي بل اڄ منظور ڪرائڻو آهي ڇو ته هي بل عوامي مفاد ۾ آهي،  ڊي ڊبليو مطابق ڪجهه حلقا ان بل تي تنقيد ڪري رهيا آهن، پي ٽي آءِ اڳواڻ اقبال آفريدي چيو ته موجوده ٽولو پنهنجي ڪرپشن ڪيسن کي لڪائڻ لاءِ ئي اقتدار ۾ آيو آهي، پهرين به انهن قانون ۾ ترميم ڪئي ۽ هاڻي لڳي ٿو ته اهي اربين رپين جي جاءِ تي 49 ڪروڙ جا ننڍا ننڍا ڌاڙا هڻندا ته جيئن نيب جي دائري ۾ نه اچي سگهن، هن چيو ته هاڻي حڪومت 50 ڪروڙن کان گهٽ جا ڪرپشن ڪيس اينٽي ڪرپشن عدالتن ۾ کڻي ويندي،اتي ججن تي حڪومت جو دٻاءُ ويندو ۽ اهي انهن خلاف سزائون نه ٻڌائي سگهندا، سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر لطيف آفريدي چيو ته نيب قانون کي اڪثر سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويو، ان ۾ ترميم ضروري هئي، لاهور هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي جج شاهه خاور چيو ته يقينن ان سان اهي سمورا ڪيس اثرانداز ٿيندا جيڪي 50 ڪروڙن کان مٿي جا هوندا،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.