ڪشميري عوام جي حمايت جاري رهندي: صدر/وزيراعظم

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪشميري عوام کي انهن جي جائز خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي هر ممڪن حمايت جي خاطري ڪرائيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته گڏيل  قومن جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڪشمير تڪرار جي پرامن حل سان ئي ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام حاصل ڪري سگهجي ٿو، 5 آگسٽ تي ملهائجندڙ استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ڀارت پاران 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن، مسلسل غيرانساني فوجي گهيراءُ ۽ ڪشميري عوام جي ناقابل بيان مصيبتن تي بي حسي کي جاري رکندي ٽي سال گذري چڪا آهن. هوڏانهن  صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ قابض ڀارتي فوج جو انتهائي ظلم ۽ ڏاڍ ڪشميرين جي حريت جي جذبي کي نه ٿو ٽوڙي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.