ٽنڊو الهيار ۾ اڳوڻي ايم سي چيئرمين تي ڪيس داخل،آءِ جي طلب

ٽنڊوالهيار( ڊ ر) سنڌ هائي ڪورٽ صوبائي وزير جي ويجهي مائٽ اڳوڻي ميونسيپل ڪميٽي ٽنڊوالهيار جي چيئرمين سيد امداد شاه  رضوي جي درخواست تي صوبائي وزير سيد ضياء عباس شاه رضوي , آئي جي سنڌ ۽ چيف سيڪريٽري کي 30 آگسٽ تي طلب ڪري ورتو آهي جڏهن ته اڳوڻي ايم سي چيئرمين ۽ صوبائي وزير ۾ ملڪيت جي مامري تي تڪرار هلندڙ آهي ياد رهي ته اڳوڻي ايم سي چيئرمين پاران پاڻ مٿان داخل ٿيل ڪيسن جو الزام صوبائي وزير سيد ضياء عباس شاه رضوي مٿان لڳايو هو سندس چوڻ هو ته سموريون ايف آئي آرون صوبائي وزير جي چوڻ تي ڪٽيون ويون آهن سيد امداد شاه رضوي تي هڪ هفتي اندر مختلف نوعيت جا 4 ڪيس داخل ڪيا ويا هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.