بٺوري ۾ بدامني خلاف ڪوڪڙي پورهيتن جي بک هڙتال

ميرپوربٺورو (ت ر)ميرپوربٺورو ۾ بدامني ۾ اضافي کان پوءِ ڳوٺن مان ڪڪڙ خريد ڪري وڪرو ڪندڙ غريب ڪوڪڙي پورهيتن کان کورواھ بٺورو روڊ تي مسلسل 12 ڦر جون وارداتون ٿيڻ باوجود ڪوبه جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف غريب ڪوڪڙي پورهيتن پاران  ميرپوربٺورو جي نيشنل بئنڪ چوڪ تي ستين ڏينهن به بک هڙتال جاري رکي جڏهن ته بک هڙتال ڪئمپ تي ٽائون ڪميٽي ميرپوربٺورو جي اڳوڻي وائس چيئرمين ماما صديق سوهو، شهري اتحاد جي فقير محمد علي خواجه، تحريڪ لبيڪ جي غلام مصطفي ڪڇي، اختر ڪڇي، سرباز گروپ جي شاهجهان لغاري، تابع علي ۽ ٻين شرڪت ڪري ڪوڪڙي برادري سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو، جڏهن ته چونڊيل نمائندن سميت اقليتي برادري جي حڪومتي ڌر جي تنظيمي اڳواڻن پاران غريبن جي احتجاج باوجود سندن سار نه لڌي ويئي آهي، انهي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي مظاهرين چيو ته ميرپوربٺورو پوليس نااهلي جي حد ڪري ڇڏي آهي جنهن سبب هاڻي غريب پورهيت به محفوظ ناهن رهيا، هنن چيو ته ڪوڪڙي پورهيتن کان 12 ڦر جون وارداتون ٿيون آهن ۽ سندن هڪ پورهيت رشتيدارميوو ڪوڪڙي کي ڦر جي ڪوشش دوران قتل ڪيو ويو، هنن چيو ته ڏوهن ۾ ملوث جوابدارن سرعام گهمي رهيا آهن ليڪن پوليس پاران نه ئي سندن فرياد تي ايف آئي آر داخل ڪئي پئي وڃي نه ئي ڏوهن ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور ڦر ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري ڦر ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ محرم الحرام کان پوءِ احتجاجي تحريڪ تيز ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.