جاتي ڀرسان ناميارو بورچي ڪينسر وگهي فوت

جاتي (ن ع آ) جاتي ڀرسان ڳوٺ ساوڻ ميراسي ۾ لاڙ پٽ جو ناليوارو باورچي اسماعيل ملاح زهريلو گٽڪو کائڻ ڳلي جي ڪينسر ۾ مبتلا هجڻ ڪري ڪجھ مهينا ڪينسر جي موضي مرض سان جهيڙيندي فوت ٿي ويو جنهن جي تدفين جاتي ڀرسان ابائي قبرستان ۾ ڪئي وئي، ياد رهي ضلعي سجاول ۾ پوليس جي نااحلي سبب زهريلي گٽڪي جو وڪرو عام وکر جيان هلندڙ آهي جنهن جي استعمال ڪرڻ سان ڪيترائي نوجوان پنهنجي زندگي وڃائي ويٺا آهن،جڏهن ته جنازي ۾ سوين سياسي سماجي ۽ شهرين سميت صحافين شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.