دبئي ۾ پاڪستانين لاءِ ڊرائيونگ لائيسنس ٺهرائڻ ۾ سولائي ڪيئن ٿي وئي؟

دبئي (ويب ڊيسڪ) گڏيل امارات ۾ لائيسنس لاءِ آر ٽي اي پاران”ڪلڪ اينڊ ڊرائيو“ نالي سروس جو اعلان ڪيو ويو آهي، اکيون چيڪ ڪرڻ لاءِ موبائيل وين سروس متعارف ڪئي وئي آهي.

رپورٽ موجب روڊ اينڊ ٽرانسپورٽ اٿارٽي (آر ٽي اي) پاران ڊرائيونگ لاءِ لائيسنس حاصل ڪرڻ وارن لاءِ نئين سروس جو اعلان ڪيو ويو آهي، ان نئين سروس کي ڪلڪ اينڊ ڊرائيو جو نالو ڏنو ويو آهي، جنهن تحت لائيسنس حاصل ڪرڻ جي پوري عمل کي ڊجيٽائيز ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ پهريون ڀيرو خطي ۾ نظر چيڪ ڪرڻ لاءِ موبائيل ٽيسٽنگ سروس شامل ڪئي وئي آهي.

رپورٽ مان معلوم ٿيو آهي ته پهريون ڀيرو اکين جي چڪاس لاءِ موبائيل سروس الجابر آپٽيڪل زريعي هلائي رهيا آهن، اکين جي چڪاس گاڏي ۾ طئي ٿيل وقت ۽ جاءِ تي ڪئي ويندي جنهن کي واهپيدارن واڌو فيس ڏئي چونڊيو هوندو، ان ٽيسٽ ذريعي ڊرائيونگ لائيسنس فوري طور تي ٺهي سگهي ٿو، آر ٽي اي جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ بورڊ آف ايگزيڪٽو ڊائيڪٽرز جي چيئرمين متر الطائر چيو آهي ته ان سروس جو مقصد دبئي کي سمارٽ سٽي ٺاهڻ ۽ واهپيدارن کي آساني فراهم ڪرڻ آهي

هن ٻڌايو ته ڪلڪ اينڊ ڊرائيو سروس ڊجيٽل سروس جي 92 سيڪڙو مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪئي، ان جي 12 کان گهٽائي 7 مرحله ڪري واهپيدارن لاءِ آساني ڪئي وئي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڊجيٽائيز ڪرڻ جو هدف پيپر ليس سروس فراهم ڪرڻ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.