پاڪستان جي صورتحال سري لنڪا جهڙي نه پئي ٿئي: ماهر

اسلام آباد(م ڊ) ڇا پاڪستان جي معاشي صورتحال واقعي سري لنڪا جهڙي ٿي رهي آهي؟ جي سوال ۾ معاشي ماهر ڊاڪٽر قيس اسلم جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي ايڪسپورٽ گهٽجي رهي آهي، پيداواري لاڳت وڌڻ ڪري صنعتون بند ٿي رهيون آهن، ماڻهو زراعت جو ڌنڌو ڇڏي رهيا آهن، جيڪڏهن روينيو گهٽجي ويندو ته پاڪستان قرض ڪٿان واپس ڪندو؟ ڊي ڊبليو جي رپورٽ موجب معاشي ماهر ڊاڪٽر شاهد حسن صديقي جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي ڏيوالي جو ڪوبه خطرو نه آهي، ڇاڪاڻ ته نوٽ اسين ڇاپي سگهون ٿا نه؟  پاڪستان سريلنڪا جهڙي صورتحال جو شڪار نه ٿيندو، ان جو ڪارڻ پاڪستان جي اسٽريٽجڪ لوڪيشن آهي، چين سي پيڪ کي ڪنهن به صورت ۾ ناڪام ٿيڻ نه ڏيندو، جيڪڏهن اسان تي دٻاءُ ايندو ته چين سيڙپ ڪندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.