سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي سنڌي وسندي غازي ڳوٺ ڊاهڻ کان روڪي ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي سنڌي وسندي غازي ڳوٺ ڊاهڻ خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت اينٽي انڪروچمينٽ کي ڳوٺ ۾ ڪنهن به قسم جي به ڀڃ ڊاهه ڪرڻ کان منع ڪري ڇڏي آهي. عدالت ڪنهن به قسم جي  غير قانوني ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو آهي، عدالت پاران لينڊ يوٽيلائيزيشن کاتي، سب انسيپڪٽر اينٽي انڪروچمنٽ، مختيارڪار گلزار هجري ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي 18آگسٽ تي جواب طلب ڪري ورتو آهي، غازي ڳوٺ جي رهواسين پاران درخواست داخل ڪئي وئي جنهن ۾ سنڌ حڪومت، چيف سيڪريٽري سنڌ، سيڪريٽري لينڊ يوٽيلائيزيشن سميت ٻين کي ڌر بڻائيندي موقف اختيار ڪيو ويو ته وڏي وزير جي منظوري کانپوءِ غازي ڳوٺ سميت 70 ڳوٺن کي ريگيولرائيزڊ ڪيو ويو. ان باوجود ڪارروائي ڪري عورتن سميت ٻارن تي سخت تشدد ڪيو ويو. درخواستگذار پاران دستاويزن سميت سنڌ حڪومت جي وڪيل طرفان پيش ڪيل رپورٽ کي ڪارروائي جو حصو بڻائي ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.