جيڪب آباد ۾ چور گرفتار نه ٿيا، استاد جو احتجاج

جيڪب آباد ( ڊر ) جيڪب آباد جي سول لائين ٿاڻي جي گورنمينٽ مڊل اسڪول ڦل باغ علي شير آفريدي مان چوري ڪرڻ وارا جوابدار اڃا تائين گرفتار نه ڪري سگهي آهي، جنهن تي اسڪول جي هيڊ ماستر سجاد ڀٽو احتجاج ڪيو ۽ ميڊيا کي ٻڌايو ته اونهاري جي موڪلن دوران اسڪول جي ڪلاسن جا دروازا ڀڃي سندس اسڪول جي ڪمرن مان پکا چوري ڪرڻ سميت ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري ويا آهن هاڻي سخت گرمي ۽ بجلي جي کوٽ سبب تدريسي عمل سخت متاثر ٿي رهيو آهي، استاد ۽ شاگرد سخت پريشاني ۾ مبتلا آهن، واقعي جي سول لائين ٿاڻي تي رپورٽ به درج ڪرائي وئي آهي، جوابدارن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.  پر پوليس ڪارروائي ڪونه ڪري رهي آهي. هنن ايس ايس پي جيڪب آباد کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.