خيرپور ۾ نوجوان خودڪشي ڪري ڇڏي

خيرپور (س ر) خيرپور اي سيڪشن ٿاڻي جي  حد  گلستان ڪالوني جي  رهواسي  سيپڪو ملازم 28 ورهين جو نوجوان سعدالله ڏنو گهر پريشانين  کان  تنگ اچي گذريل رات  دير سان  پاڻ  مٿان  فائرنگ  ڪري  خود ڪشي ڪري ڇڏي ،اطلاع تي اي سيڪشن  پوليس واقعي واري هند پهچي فوتي  جو لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال  خيرپور منتقل  ڪيو ،جتي سندس وارثن  ٻدايو ته نوجوان گھرو پريشانين سبب جذبات  ۾ اچي  پاڻ مٿان فائرنگ ڪري خود ڪشي ڪري ڇڏي  آهي پوسٽ مارٽم  ڪرائيڻ کان  انڪار ڪرڻ بعد  لاش وارثن احوالي ڪيو ويو .  ٻڌايو پيو وڃي ته نوجوان سعدالله ڏنور سيپڪو خيرپور۾ ڪلارڪ هو، ۽ سندس  شادي ڪجهه مهينا اڳ  ٿي هئي ، وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.