سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ايس يو پي جا ڪراچي ۾ سنڌي وسندين کي ڊاهڻ خلاف احتجاجي مظاهرا

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ايس يو پي پاران ڪراچي ۾ سنڌي وسندين کي ڊاهڻ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

حيدرآباد، بدين، ڀان سيد آباد، ڪوٽڙي ۽ ٻين ننڍن، وڏن شهرين ۾ ڪارڪنن مرڪزي سڏ تي احتجاجي مظاهرا ڪيا.

ان موقعي تي اڳواڻن بلڊر مافيا پاران ڪراچي ۾ غازي ڳوٺ جي ئي بلاڪ کي ڊاهڻ ۽ رهواسي، مرد عورتن توڙي ٻارڙن تي تشدد ڪرڻ واري واقعي جي مذمت ڪئي.

اڳواڻن الزام هڻندي چيو ته ڪراچي ۾ سازش تحت سنڌي وسندين کي بلڊوز ڪري ڌارين کي آباد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

هنن چيو ته ڪراچي ۾ روينيو عملدار پ پ سرڪار جي ملي ڀڳت ڪوڙا کاتا ٺاهي غازي ڳوٺ سوڌو ٻين سنڌي وسندين کي ختم ڪرڻ چاهين ٿا، جنهن کي ڪنهن به صورت قبول نه ڪيو ويندو.

اڳواڻن مطالبو ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ غازي ڳوٺ کي ڊاهڻ وارو حڪم واپس وٺي سمورين سنڌي وسندين کي مالڪاڻا حق ڏنا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.