آمريڪي ڊرون حملي ۾ ايمن الظواهري مارجڻ واري معاملي تي افغانستان جو سخت ردعمل اچي ويو

ڪابل ( ويب ڊيسڪ ) افغانستان ۾ طالبان جي عبوري حڪومت جي نائب وزيراعظم عبدالسلام حنفي آمريڪي ڊرون حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ آمريڪا القاعدا جي سربراهه ايمن الظواهري جي مارجڻ جي دعويٰ ڪئي هئي.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب عبدالسلام حنفي چيو ته  افغان حڪومت آمريڪي فوج جي ڪابل ۾ هڪ گهر تي بمباري جي مذمت ڪري ٿي، آمريڪي بمباري افغانستان جي خودمختياري ۽ دوحا امن معاهدي جي ڀڃڪڙي آهي.

عبدلسلام حنفي وڌيڪ چيو ته آمريڪي بمباري برداشت نه ڪرن جوڳو عمل آهي، افغان حڪومت دوحا امن معاهدي جي پابند آهي، افغان سرزمين ٻين جي خلاف استعمال ڪرڻ جي قطعي اجازت نه ڏني ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.