ٻارڻ جي بحران سبب بجلي جي کوٽ پيدا ٿي وئي

ٻارڻ جي بحرا سبب بجلي کي کوٽ پيدا ٿي وئي، جڏهن ته لوڊشيڊنگ جي ستائل عوام حڪومتي رليف ڏانهن واجهائڻ لڳي.

سڄي ملڪ ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي، ماهرن بنگلاديش کي مشورو ڏنو آهي ته هو درآمد ٻارڻ تي دارومدار گهٽائي ۽ ملڪ ۾ گئس جي پيداوار وڌائڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري.

پرڏيهي خابرو اداري موجب بنگلاديش جي بجلي، توانائي ۽ مدني وسلين بابت مملڪتي وزير  نصر الحامد چيو آهي ته روس ۽ يوڪرين وچ ۾ جاري تڪرار سبب عالمي منڊي ۾ توانائي جي اگهن ۾ واڌ ٿي آهي جنهن ڪري بنگلاديش ۾گئس جي سپلاءِ  متاثر ٿي رهي آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو سڄي ملڪ ۾ بجلي جي پيداوار متاثر ٿي رهي آهي.

آمريڪي انرجي اداري، اڪانامڪس اينڊ فنانشل اينالائسز سان سلهاڙيل محقق سائمن نڪولس جو چوڻ آهي ته بنگلاديش جو پاور سيڪٽر تيزي سان فوسل فيول جي درآمدات تي ڀاڙي رهيو آهي جيڪا هڪ انتهائي غير مستحڪم شئي آهي.

ٻئي پاسي بنگلاديشي حڪومت ٻارڻ جي وڌندڙ لاڳت گهٽائڻ جي ڪوششن ۾ رُڌل آهي، حڪومت ٻه هفتا پهرين شيڊول لوڊشيڊنگ، ايئر ڪنڊيشننگ جي استعمال تي ظابطو ۽ ٻارڻ جي درآمد تي دٻاءُ گهٽائڻ لاءِ ڪم جو شيڊول گهٽايو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.