اسحاق ڊار جي نااهلي، عدالت مان وڏي خبر اچي وئي

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ ن ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار جي سينيٽر طور نااهلي لاءِ شهري جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ اسحاق ڊار جي سينيٽر طور نااهلي لاءِ شهري جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

عدالت اٽارني جنرل آف پاڪستان کي به مدد لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.

درخواست گذار جي وڪيل اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪرڻ تي اعتراض ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت کي ڌر ئي ناهي بڻايو ويو، اليڪشن ڪميشن هڪ خود مختيار ادارو آهي.

درخواست گذار جي وڪيل چيو ته سينيٽ چيئرمين کي اسحاق ڊار جي نااهلي جو ريفرنس موڪليو ويو، هڪ مهيني ۾ سينيٽ چيئرمين فيصلو نه ڪيو ته معاملو اليڪشن ڪميشن وٽ هليو ويو.

درخواست گذار وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن اسحاق ڊار جي نااهلي بابت ريفرنس تي فيصلو نه پئي ڪري، هر ڀيري تاريخ تي ٻڌڻي ملتوي ڪئي ويندي آهي.

عدالت اسحاق ڊار جي سينيٽر طور نااهلي لاءِ اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.