مڪاني کاتي جي چونڊن کی چوملتوی ڪیوویو

ڪراچي (رپورٽ ماريا اسماعيل) مڪاني کاتي جي چونڊ ٿيڻ ۾ صرف ٽي ڏينهن باقي هوندي اليڪشن ڪميشن چونڊ ملتوي ڪري ڇڏي هئي، اليڪشن ڪميشن جو موقف هو ته مختلف سياسي پارٽين پاران درخواستن ۽ موسميات کاتي پاران چونڊ واري ڏينهن تي برسات جي اڳڪٿي سبب مڪاني چونڊ جي ٻئي مرحلي ۽ اين اي 245 ڪراچي ۾ چونڊون ملتوي ڪيون آهن، اليڪشن ڪميشن جو چوڻ هو ته مٿان فوراَ محرم الحرام جو مهينو به اچي ويو آهي، جنهن ڪري چوندون ملتوي ڪيون ويون آهن. مڪاني کاتي جون چونڊون هاڻ نئين شيڊيول موجب 28 آگسٽ تي ٿينديون. اليڪشن ڪميشن جي فيصلي ۾ برسات ۽ محرم الحرام جي عشري سبب ٽرن آئوٽ گهٽ هجن جو ذڪر ڪندي چيو ته لاڳاپيل سببن ڪري ووٽر ٻاهر نه نڪري سگهندا. تڪبندين واري نئين وچور موجب ڪراچي جي ست ضلعن ۾ 25 ٽاون ۽ 246 يونين ڪميٽيون ۽ 984 وارڊ ۾ جوڙيا ڳيا آهن. ڪراچي جي يونين ڪميٽين ۾ چئيرمين ۽ وائيس چئيرمين جي لاءِ 6614 اميدوار مد مقابل آهن، تحريڪ انصاف 246 يوسيز ۾ 241 اميداوار بيها آهن. جماعت اسلامي 246 يوسيز تي 223 ۽ ايم ڪيو ايم 176 يونين ڪميٽين تي اميداوار بيهاريا آهن. پ پ پنهنجي اميدوارن جي فهرست جاري نه ڪئي آهي. ذريعن موجب 200 کان وڌيڪ يونين ڪميٽين تي اميدوار بيهاريا ويا آهن. ڪراچي جي ست ضلعن ۾ ڪل 8437520 مرد ۽ عورتون پنهنجو ووٽ ڏيندا. ڪراچي جو سڀني کان وڏي ضلعي ڊسٽرڪٽ سينٽرل مان 1785 اميدوار آهن، رجسٽرڊ مردن جي تعداد 1122277 ۽ عورتن جو تعداد 953796 آهي. ضلعي ۾ ڪل ووٽرن جو تعداد 2076073 آهي. ٻئي نمبر تي وڏو ضلعو اوڀر آهي جنهن ۾ 1583 اميدوار آهن، جتي رجسٽرڊ مرد ووٽرن جو تعداد 781244 ۽ عورتن جو تعداد 672815 آهي. جڏهن ته ڪل ووٽرن جو تعداد 1454059 آهي. ڪورنگي ضلعي ۾ 1454 اميدوار ميدان ۾موجود آهن، جتي رجسٽرڊ مردن جو تعداد 780674 ۽ عورتن جو تعداد 634417 آهي، ڪل ووٽرز جو تعداد 1414091 آهي، ضلعي ملير ۾ 1045 ميدوار مدمقابل آهن. ملير ۾ رجسٽرڊ مردن ووٽرن جو تعداد 425687 ۽ عورتن جو تعداد 317518 آهي، ڪل ووٽرن جو تعداد 743205 آهي، ضلعي ڏکڻ ۾ 876 اميدوار آهن جتي رجسٽرڊ مرد ووٽرن جو تعداد 549911 ۽ عورتن جو تعداد 445143 آهي. ضلعي ۾ ڪل ووٽرن جو تعداد 995054 آهي. ڪيامياڙي ضلعي ۾ 1261 اميداوار آهن، جتي رجسٽرڊ مردن جو تعداد 495289 ۽ عورتن جو تعداد 349562 آهي، ڪل ووٽرز جو تعداد 844851 آهي. ضلعي اولھ ۾ 1149 اميدوار آهن جتي رجسٽرڊ مردن جو تعداد 529411 ۽ عورتن جو تعداد 379776 آهي، جڏهن ره ڪل ووٽر 909187 آهن. مڪاني چونڊن جي سيڪيورٽي لاءِ 14 هزار پوليس اهلڪار صوبي جي مختلف ضلعن مان آڻي مقرر ڪيا ويندا، جڏهن ته ڪراچي جا 28 هزار پوليس اهلڪار اليڪشن ڊيوٽي تي مقرر هوندا، ان کان علاوه نجي سيڪيورٽي گارڊ، اينٽي اينڪروچمنٽ ۽ اينٽي ڪرپشن جي اهلڪارن کي به ڊيوٽي ۾ شامل ڪيو ويندو، رينجرز جا جوان ۽ پاڪ فوج جا جپان سيڪنڊ ليئر تحت موجود رهندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.