تربيلا ڊيم ۾ پاڻي سطح اضافي سان 1532 فوٽ ٿي وئي

هريپور(م ڊ) تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح اضافي سان 1532 فوٽ ٿي وئي، تربيلا ڊيم جي ذريعن مطابق سانوڻي جي تازي برساتن سان تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح ۾ اضافي جو سلسلو جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح ۾ هڪ فوٽ کان وڌيڪ جو اضافو ٿيو آهي جنهن کانپوءِ پاڻي جي ليول 1532 فوٽ ٿي وئي آهي، ڊيم ۾ پاڻي جي آمد 270000 ۽ ڇوڙ 242400 ڪيوسڪ آهي، تربيلا ڊيم جي سڀني پيداواري يونٽن مان بجلي جي پيداوار 4888 ميگاواٽ رڪارڊ ڪئي وئي آهي..

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.