ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) خيرپور شهر ۽ ڀرپاسي واري علائقن ۾ گيسٽرو جر مرض تي ضابطو ناهي ٿي سگھيو جڏههن ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 95 مريضن کي گيسٽرو وگھي اسپتالن ۾ داخل ڪرايو ويو آهي جن ۾ مبين فهيم ،شاهد ،حيدر،علي شير ،ناظم ،افتخار،بابر،فوزيه، امينه، زاهده، امبر، خديجه ۽ ٻيا شامل آهن جن جو تعلقو خيرپور،احمدپور، پريالوءِ، ڪوٽ مير محمد ۽ ٻين علائقن سان آهين ان سلسلي ۾ گيسٽرو وگھي داخل ٿيل مريضن جي وارثن ٻڌايو ته سرڪاري اسپتالن ۾ گيسٽرو ۾ مبتلا مريضن جي علاج لاءِ ڪي به اپاءُ ناهن ورتا ويا مريضن تڙپي رهيا آهن ان جي باوجود ڊاڪٽر وارڊ ن ۾ اچڻ لاءِ تيار ناهن هنن چيو ته وڏي انگ ۾ مريضن هئڻ سبب بيڊن جي کوٽ پڻ برقرار آهي جنهن ڪري هڪ بيڊ تي 3_3 ٻارڙن کي سمهاري علاج ڪيو پيو وڃي ،مٽياري ضلعي ۾ بدبودار گندو پاڻي پيڻ ڪري گيسٽرو جي بيماري پکڙجڻ لڳي. گرمي جي شدت وڌڻ کانپوءِ مٽياري ۽ آسپاس جي علائقن ۾ گيسٽرو جي مريضن ۾ واڌ گيسٽرو جا مريض سرڪاري توڙي خانگي اسپتالن ۾ داخل ، جتي 80 کان مٿي گيسٽرو جي مريضن کي مٽياري تعلقي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، گيسٽرو ۾ ورتل مريضن ۾ معصوم ٻارڙن توڙي وڏن جو انگ شامل آهي, مٽياري ضلعي ۾ ٽوٽل گسيٽرو جي مريضن جو انگ 120 کان مٿي ٿئي ويو،پڊعيدن لڳ ڳوٺ سونو خان سولنگي ۾ گيسٽرو وگھي پيرسن غلام شبير سولنگي فوت ٿي ويو، جڏهن ته اڃا ڪيترائي ماڻھون گيسٽرو ۾ ورتل آھن