پني عاقل لڳ چورن تر تپائي ڇڏيو، پورهيت جون 14 ٻڪريون چوري

پنو عاقل ( رپورٽ: رستم انڍڙ  )  پنوعاقل جي ٿاڻي مبارڪپور جي حد ۾ چورن تر تپائي ڇڏيو هر رات  ، مبارڪپور ، ڳاڙهودڙو ،  روپهر ، اوچيهر، ٺڪراٺو ۽ ٻين علائقن مان روز جي معمول مطابق چوريون ٿيڻ لڳيون گذريل رات ڳوٺ آچر مهر مان معلوم چور پاران پورهيت لياقت علي مهر جي گهر ۾ گهڙي ڀلوڙ نسل جون 13 ٻڪريون ۽ هڪ ٻڪر سميت 14 ٻڪريون چوري ڪري فرار ٿي ويا ، جڏهن ته ڀاڳين مبارڪپور پوليس کي بروقت ئي  اطلاع ڏنو ويو پر مبارڪپور پوليس پنهنجي روايتي سستي برقرار رکندي بروقت نه پهتي ڳوٺاڻڻ پاران پنهنجي مدد پاڻ چورن جا پيرا کڻي پيڇو ڪيو ويو جيڪو پيرو ڳوٺ آچر مهر کان مبارڪپور لنڪ روڊ تي گم ٿي ويا ، ڳوٺاڻن اسد علي ، غلام محمد ، لياقت علي ۽ ٻين ميڊيا آڏو ڳالهائيندي چيو ته اسان جي علائقي ۾ چوريون روز معمول بڻجي ويون آهن مبارڪپور پوليس بدامني کي روڪڻ ۾ مڪمل ناڪام بڻجي ويئي آهي ، اسان ڊي آء جي سکر ، ايس ايس پي سکر ۽ ڊي ايس پي پنوعاقل کي اپيل ٿا ڪريون ته فل فور نوٽيس وٺي ڪري اسان جي ٿيل چوري واپس ڪرائي وڃي ۽ مبارڪپور پوليس جي پڻ ناڪامي کي نظر ۾ رکندي ٿاڻو تي ڪي باصلاحيت ۽ دلير اهلڪار مقرر ڪري علائقي ۾ امن قائم ڪرايو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.