لاڙڪاڻي ۾ موبائيل چوري شڪ ۾ پوليس جو نينگر تي تشدد

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد جناح باغ چوڪ وٽ مبينا طور موبائيل فون چوري ڪرڻ جي شڪ ۾ پوليس 15  ورهين جي نينگر مٿان تشدد ڪري سندس ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا، اهڙي قسم جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، جنهن وڊيو ۾ نينگر دانهون ڪندي پنهنجو نالو فرحان ٿيٻو ٻڌائيندي چئي رهيو آهي ته مان غريب مسڪين آهيان، پرنٽنگ پريس تي ڪم ڪندو آهيان، جڏهن ته مان جناح باغ چوڪ تي قائم سبيل جي ڪئمپ تي سبيل پي رهيو هيس، جتي پوليس موبائيل ۾ سوار اهلڪار مونکي پڪڙي موبائيل چوري جو الزام لڳائي سخت تشدد جو نشانو بڻائيندي منهنجا ڪپڙا ڦاڙي ليڙو ليڙو ڪري ڇڏيا آهن، جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي. هن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي مون مٿان تشدد ڪندڙ اهلڪارن خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي. ٻي پاسي پوليس جو چوڻ هيو ته هڪ شهري جي موبائيل فون نڪري وئي هئي، جنهن تي نينگر کان موبائيل جي پڇا ڳاڇا ڪئي تشدد وارو الزام بي بنياد آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.