خيرپور عدالت طرفان کنڀي گم ڪيل شاگرد سميت 2 ڄڻن کي پيش ڪرائڻ جو حڪم

خيرپور (س  ر)خيرپور جي سيشن جج مشتاق احمد لغاري جي عدالت خيرپور پوليس هٿان مبينيٰ گهرن ۾ گهري ڦرلٽ بعد ڏهين ڪلاس جي شاگرد 14 سالا امداد حسين جاگيراڻي ۽ ڪامران ولد عبدالحڪيم راهوجو کي کنڀي گم ڪرڻ واري معاملي ۾ نوٽيس جاري ڪندي کنڀي ويلن کي عدالت ۾ پيش ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.  مبينيٰ باندي بڻائيلن کي گهرن ۾ گهري ڦرلٽ بعد کنڀي گم ڪرڻ جي الزامن هيٺ ڊي. ايس. پي. پيرڳوٺ عبدالحق قريشي، ايس. ايڇ. او. ٿاڻو پيرڳوٺ اربيلو ڀنگر، ايس. ايڇ. او. ٿاڻو گلو سيال نثار احمد کوکر ۽ اي ايس آءِ رب نواز سيال خلاف نوٽيس جاري ڪندي کين عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. عدالت اهڙي ڪاروائي تعلقو ڪنگري جي ڳوٺ فضل فقير جي رهواسي علي ڏنو راهوجو ۽ تعلقو گمبٽ جي ڳوٺ مٺل جاگيراڻي جي رهواسي محمد پناهه جاگيراڻي جي طرفان داخل ڪرايل الڳ الڳ پٽيشنن کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيڻ بعد ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.