ملير کان ٺري ميرواهه تائين پنڌ ڪندڙ ڳوٺاڻو مڪلي پهتو، احتجاج

مڪلي(رپورٽ: اياز جلالاڻي) ڪراچي جي ملير کان لينڊ گريبر بااثر خلاف پنڌ مارچ ڪندڙ ٺري ميرواهه واسي مڪلي پهچي احتجاج رڪارڊ ڪرايو، ان ڏس ۾  ٺري ميرواھ جي ڳوٺ عبدالمجيد قمبراڻي جي رھواسي متاثر شخص مشتاق قمبراڻي صحافين کي ٻڌايو ته ٺري واسي ملير ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪندڙبااثر ٺري ۾ اچي شفٽ ٿي ويو آهي، جنهن اسان لاءِ ڌرتي تنگ ڪري ڇڏي آهي، روزاني فائرنگ، هراسان ڪرڻ ۽ بنا جواز ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ قتل ڪرڻ چاهي ٿو، هن دانھيندي وڌيڪ چيو ته انصاف لاءِ مجبور ٿي ملير ڪراچي کان پيادل مارچ ڪري ھتي پھتو آھيان، منھنجي اخري منزل ٺري ميرواھ ھوندي. مشتاق قمبراڻي چيف جسٽس آف پاڪستان، وزير اعظم پاڪستان، چيف آف آرمي اسٽاف، وزير اعليٰ سنڌ، آءِ جي سنڌ سميت سمورن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ساڻس انصاف ڪري بلاجواز تنگ ڪري مٿن ھٿ ٺوڪيا ڪيس داخل ڪري پريشان ڪندڙ لينڊ گريبر بااثر خلاف ڪاروائي ڪري کين تُحفظ ڏيڻ سميت انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.