ڌرتيءَ واسين جي ڌرتي ڌڻين کي بي گھر نه ڪيو

تحرير: حميده گھانگھرو

جنهن ملڪ جي ماڻهن جي سڃاڻپ پئسو، بنگلو، گاڏي، ڪلفدار لباس، ڪوڙ ڳالهائڻ کي سچ سمجهڻ ۽ سچي ماڻهو کي محض انهي ڪري غير اهم سمجهڻ ته کيس ٺٺ ٺانگر ۽ استحصال ڪرڻ جا جرائيم ضمير ۾ شامل ناهن اتي قومون پنهنجي مقدر جي مار سمجهندي ظلم جو شڪار ٿينديون رهنديون آهن ۽ پوءِ ديرپا اثرات اهي ٿيندا آهن ته ڌارين جي ڌوڪار ۾ مقامي ماڻهن تي ڪاهون ٿينديون رهنديون. آئي ٽانڊي ڪا ٿي وئي بورچياڻي وارو قصو ته اصل ڌرتي جا وارث روزگار کان محروم، مسئلن جو شڪار ته هوندائي پر ابن ڏاڏن کان جنهن ڌرتي جي ٽڪري تي رهن اها به ڄڻ اجنبي ٿي ويندي. نوان قانون پاس ٿيندا، نوان کاتا ٺهندا، نيون رجسٽريشن ٿينديون. غريب طبقي جا ماڻهو روز مٽي سان ڀريل لباس ميرانجهري رنگت سان تن ڍڪي پيا هلندا. پنهنجي هٿن سان مٽي کي ڳوهي ڇپر ڇانو لاءِ جهوپڙا اڌيندا ڇا انهن جي سڃاڻپ گھٽ آهي ته هو ڌرتي ڌڻي آهن.

ڪجهه وقت کان هلندڙ اهڙي فضا ته مقامي سنڌي آبادين کي پٽ ڪري ننڌڻوڪو ۽ بي گھر ڪيو ٿو وڃي. ڪيتري وقت کان خاص طور سنڌي آبادين کي ڊاهي بي گھر ڪيو ٿو وڃي تاريخ گواهه آهي ته ڌرتي ڄاوا غريب ماڻهو جديد ٽيڪنالاجي جي سڀني آسائشن کان ڏور جيئڻ جي آس رکي شاهه سائين جي انهي بيت جيان وڳر ڪيون وتن پرت نه ڇنن پاڻ ۾ انهي وڳر جي ڪجهه واڳ ڌڻين جي مدد سان ڪي ڪچن ڪکاون گھرن کي پڪي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهي ناجائز قبضا ليکيا ويا ڳوٺن جي ڪا ليز ناهي ٿيندي ۽ جيڪڏهن جديد سماجي ٺاهڻ لاءِ قانوني تقاضائون پوريون ڪيون وڃن ٿيون ته قانوني آئيني طور مهذب سماج جي اها ئي سڃاڻپ هوندي ته مقامي آبادين کي ليز ڪري کين مالڪاڻه حق ڏنا وڃن نڪي ارغونن ترخانن وانگر ڪاهه ڪري ٺهيل گھرن کي ڊاٿو وڃي سو به اهڙي آبادي جا گھر جتي پئسي کي جوڙڻ انتهائي مشڪل قرضن سهاري ڪا ڇت اڏي وڃي اهڙي صورت ۾ متعلقه حڪومت جي نااهلي چئي ويندي جڏهن ووٽ وٺڻا هجن ته ڪچين آبادين ۾ وڃي اهو چيو وڃي ته توهان جا گھر پڪا ڪري ڏنا ويندا ۽ جڏهن اقتدار اچي ته پڪن گھرن کي به ڊاهي پٽ ڪري قبضا ڪرڻ جو طعنو ڏنو وڃي ته پوءِ اهو به حساب ڪيو وڃي ته ڪچين آبادين جي گھرن مان ورتل ووٽ ڪهڙي حيثيت ۾ پڪا سمجها ويندا. انهن ووٽن کي به ناجائز ۽ غلطي سان ڏنل ووٽ سمجهو وڃي دنيا جو قانون آهي ته شهري چاهي ڳوٺاڻي انساني آبادي کي اهي سڀ حق ملڻ گھرجن جيڪي پاڪستان جي سياسي، سماجي، بنيادي ضرورتن پٽاندڙ هجن. سنڌ ۽ سنڌي قوم جي اهڙي تعارف سان اڄ جي سنڌ جو جائزو وٺبو ته سنڌ جهري پئي. بکي اڃي ظلم، جبر ڏاڍ سان مهاڏو اٽڪائيندي بقول منظور سولنگي جي حق ۽ سچ جي آواز تي ڌرتي ڌڻي اٿلي پيا ته باضميرن جي شان ۾ اهي تاريخي ٻول

منهن، ڇپرن، لوڙهن ۽ گھر گھر ۾ گوليون

فوج پوليس چوي ڌاڙيل پيا ڳوليون

اهو ايم آر ڊي جي تحريڪ جي صورتحال تي چيل سچ جو آواز آهي. ترقي پسند باشعور جدوجهد ۾ ويساهه رکندڙن جي آواز کي ڪچلڻو هو. پر سچ جا پڙاڏا فضا ۾ گونجي تاريخ ٺاهيندا آهن ۽ تاريخ هر روز جي طلم ڏاڍ خلاف آواز جو تسلسل جوڙيندي آهي.

ڪراچي شهر کي هميشه نفرتن جي باهه سان ساڙيو ويو آهي ڪيترا علائقا نو گو ايريا  ٺهي ويا. ڇا اهو ڪنهن کان وسري ٿو وڃي ته 1947ع ۾ پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هندوستان کان آيل هجرت ڪرڻ وارن کي سنڌ جي هر جاءِ تي آجيان ڪري آباد ڪيو ويو. صوفين جي ڌرتي سڏائيندڙ سنڌ امن جو مرڪز رهڻ واري ڌرتي جون نياڻيون جڏهن غازي ڳوٺ ۾ پنهنجا اجها جهرندي ڏسي روئن ۽ رڙن ٿيون ته ڇا اهو سوال اهميت نٿو رکي ڪاڏي وئي اسانجي تهذيب ۽ ثقافت. ڪاڏي وئي لوئي جي لڄ بچائڻ، ڪاڏي وئي اها روايت جڏهن خاندانن جي خون ۾ نياڻين جي ميڙ ڪري وڃبو ته اجرڪ اوڙاهي خون به معاف ڪيا ويندا. اڄ پنهنجي ڊٿل گھر اڳيان اهي گھر گھر جون سڀ ننڍيون وڏيون نياڻيون احتجاج ڪن ٿيون، موهن جي دڙي جي تهذيب ۾ احتجاج ڪندڙ اهي نياڻيون ڪهڙي دائري ۾ بيهاريون وڃن ٿيون.

جڏهن ڪراچي ۾ سازشي فسادن ڪري علائقن کي نوگو ايرايا ٺاهيو ويو ته جن سياسي سماجي ترقي پسند سوچ رکندڙن به سنڌي قوم جي تحفظ لاءِ ڪچن ڳوٺن کي پڪو ڪرڻ جا جوڳا اپاءَ وٺي انهن آبادين کي پڙهيل لکيل سوسائٽيون ٺاهي ڏنيون ڇا اهو ڏوهه آهي ته غريب ۽ بي پهچ جي اڳواڻي ڪري انهن کي وارثي جو حق ڏنو وڃي اهي قوتون اهي رهنما ساراهڻ جوڳا آهن جن ڏکئي وقت ۾ هيڻن جو هٿيار بڻجي اصل ملڪ جي واڳ ڌاڻين کي ڌوڻيو آهي. هئڻ ته اهو گھرجي ته سنڌ حڪومت پنهنجو پاڻ قدم کڻي سنڌ جي عوام کي احساس ڏياري ته بنيادي حقن ۽ تحفظ جي ذميواري سنڌ حڪومت جي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.