اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کانپوءِ حڪومت به متحرڪ ٿي وئي، وڏو فيصلو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کانپوءِ وفاقي حڪومت به تحريڪ انصاف خلاف متحرڪ ٿي وئي.

ذريعن موجب حڪومت ڪيس ۾ شامل تحريڪ انصاف اڳواڻن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر، سنڌ جي اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل، احد رشيد، ثمر علي خان، سيما ضيا، نجيب هارون، جهانگير رحمان، خالد مسعود ۽ ظفر الله خٽڪ جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.