لاڙڪاڻي ۾ پاڻي جي کوٽ، لکين ايڪڙ زمين بنجر، آبادگار جو احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ضلعي اندر پاڻي جي کوٽ ختم نه ٿي. وقت سر پاڻي نه ملڻ ڪري ساريالو فصل جي گهٽ ٿيڻ جو امڪان. پاڻي نه ملڻ ڪري لکين ايڪڙ زمين بنجر ٿيڻ جو امڪان. ان سلسلي ۾ ڪالهه ضلعي لاڙڪاڻي جي مختلف ڳوٺن موريا فقير، ڳوٺ ڏاهاڻي، ڳوٺ شيخن جي وانڍ، ڳوٺ سيٺار، ڳوٺ وڏا آگاڻي، ٽڳڙ ڳوٺ سميت ٻين ڳوٺن هن وقت تائين ساريالو فصل لاءِ پاڻي دادو ڪئنال توڙي رائيس ڪئنال ۾ ڇوڙ نه ڪيو ويو آهي. جنهن ڪري جنهن ڪري وقت سر پاڻي نه ملڻ ڪري ساريالو فصل گهٽ ٿيڻ جو امڪان پيدا ٿي ويو آهي. ان حوالي سان ڪالهه مٿين ڳوٺن جي رهواسي آبادگارن طرفان دادو ڪئنال ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ آبادگارن شهمير خان ڏاهاڻي، گدا حسين شيخ، نصرالله شيخ، حاجي اڪرم ڏاهاڻي، مولا بخش ڏاهاڻي ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته هر سال مئي مهيني ۾ دادو ڪئنال ۾ پاڻي ڇوڙ ڪيو ويندو هيو، پر هن سال آگسٽ مهينو شروع ٿي ويو آهي، پر اڃان تائين پاڻي ڇوڙ ناهي ڪيو ويو، جنهن سبب پير شير کان وٺي نئون ديرو تائين لکين ايڪڙ زمين سڪي بنجر ٿي رهي آهي، جڏهن ته ساريالي فصل لاءِ اسان لکين روپين جو ٻج خريد ڪري پوکيوسين، هن وقت اهو ٻج سڪي ۽ سڙي رهيو آهي، جنهن سان اسان کي معاشي طور وڏو نقصان ٿيندو. هنن چيو ته پاڻي کوٽ خلاف اسان ڪيترائي ڀيرا دادو ڪئنال جي انجنيئر جي آفيس جا چڪر ڪاٽيا آهن، پر انجنيئر آفيس ۾ موجود هوندي به اسان سان ملي نه پيو، جيڪا سراسر زيادتي آهي. هنن پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ، آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي دادو ڪئنال جي انجنيئر کي عهدي تان هٽائي ڪئنال ۾ پاڻي ڇوڙ ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.