گهوڙاٻاري، ڪيٽي بندر ۾ برسات جون تباهه ڪاريون، ڳوٺاڻا لڏپلاڻ تي مجبور ٿي ويا

گھوڙاٻاري   ( رپورٽ : سيد امير شاھ ڀاڏائي ) ساحلي پٽي گھوڙاٻاري   ڪيٽي بندر ۾ برساتن جي تباھڪارين ڳوٺاڻن کي لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آھي گھوڙاٻاري   آئوٽ فال  ڊرين  پوڇڙ  جي  شھر( مھر )  الڳ اٿلڻ ڪري يونين ڪائونسل مھر جا ڳوٺ شفيع چنڊاڻي ، الھڏنو چنڊاڻي ، محمد پٽيل ڊوڪي ، حاجي فاضل پنھور ، يوسف لاڙڪ ، اسماعيل لاڙڪ ، سيد بچايو شاھ،  صابر ڪيھر  سميت ڪيترائي ڳوٺ  پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا آھن سامونڊي پٽي جا ڪيترائي قبرستان  برساتن سبب ٻڏي ويا آھن جنھنڪري ڳوٺاڻن کي لاش دفنائڻ ۾ وڏيون مشڪاتون درپيش اچي رھيون آھن،يونين ڪائونسل کاڻ يونين ڪائونسل گليل يونين ڪائونسل جاڙادالي  يونين  ڪائونسل مھر  جا ڪافي ڳوٺ  پاڻي ۾،  ٻڏل ھئڻ ڪري ڳوٺاڻن جي زندگي عذاب بڻجي وئي آھي ،  تيز برساتن سبب گھوڙاٻاري   شھر ۾ نئين تعمير ٿيندڙ تعلقي اسپتال  ۾ پاڻي بيھڻ ڪري ھلندڙ ڪم بند ٿي ويو  آھي ،   بگھاڙ موري پوليس ٿاڻو  برساتن سبب ٻڏي ويو آھي جنھنڪري  پوليس عملي ڀرسان ھاءِ اسڪول  جي عمارت ۾ عارضي طور پناھ حاصل ڪري ورتي آھي ،  سانوڻي جي تيز برساتن سبب ڪيتريون پرائمري اسڪولن جون عمارتون  پاڻي ۾ ٻڏي ويون آھن ور شھر جي مين  پرائمري اسڪول برساتي پاڻي ۾ ٻڏي وئي آھي ھوڏانھن سنڌو درياء جي وھڪري ۾ چاڙھ اچڻ ڪري گھوڙاٻاري   جي ڳوٺ  گيل موري ڀرسان ڪچي جي علائقي ۾  ڇڇ ڪيٽي ڍنڍ پاڻي سان تارو تار ٿي  ڀرجي وئي آھي ،  جنھنڪري ڇڇ ڍنڍ جي پيٽ ۾ رھندڙ ڳوٺاڻا لڏ پلاڻ ڪري پڪي واري علائقن ۾ منتقل ٿي رھيا آھن  ،  ھوڏانھن تازين  برساتن سبب زرعي فصلن ونئڻ ڀنڊيون ڪدو پان توريون ،  ساريال مرچ سميت ٻين قيمتي فصلن کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آھي ،ھوڏانھن ساڪرو سائوٿ سم نالو اٿلڻ ڪري درگاهه سيد محمود شاهه شيرازي ۽ مختلف ڳوٺ محمد علي شورو گل حسن شورو جافر شورو دائود پنھور حسين ڊوڪي مولوي خليل ٻارڻ مولوي جافر ٻارڻ سميت ڏھن کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي جي لپيٽ ۾اچي ويا آهن متاثرن ڳوٺاڻن لڏپلاڻ ڪري مٿاھين وارن علائقن ۾ پناھ ورتو آهي اطلاع ملڻ تي پ پ پ اڳواڻ عبدالحميد پنھور متاثر علائقن جو دورو ڪري ڊينيج کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته سم نالي مان ترت پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.