پي ٽي آءِ لاءِ امتحان جي گهڙي، 8 ورهين بعد اڄ فارين فنڊنگ ڪيس جو فيصلو

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف لاءِ امتحان جي گهڙي اچي وئي. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان اعلان ڪيو آهي ته تحريڪ انصاف جي پابندي پيل فنڊنگ ڪيس جو فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو.  اليڪشن ڪميشن موجب پابندي پيل فنڊنگ ڪيس جو فيصلو اڄ ( اڱاري تي) صبح 10 وڳي ٻڌايو ويندو. اليڪشن ڪميشن پابندي پيل فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ٻڌائڻ لاءِ ڪاز لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. واضح رهي ته پي ٽي آءِ جي پابندي پيل فنڊنگ جو ڪيس 8 سالن تائين ٻڌڻي هيٺ رهيو، جنهن جو فيصلو 21 جون 2022 تي محفوظ ڪيو ويو هو.  اليڪشن ڪميشن 8 ورهين کان پوءِ فارين فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ٻڌائي رهي آهي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته پي ٽي آءِ جو مستقبل ڪهڙو ٿيندو. پارٽي جي رجسٽريشن رد ٿيندي يا نه. عمران خان خلاف غلط بيان حلفي تي آرٽيڪل 62 ون ايف لاڳو ٿيندو يا نه. را عمران خان کي صاف رستو ملي ويندو. اليڪشن ڪميشن جو فيصلو 21 جون تي محفوظ ڪيو ويو هو. ڪاز لسٽ موجب چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن جا ٻيا ٻه ميمبر فيصلو ٻڌائيندا. 14 نومبر 2014ع تي پي ٽي آءِ جي باني ميمبر اڪبر ايس بابر اليڪشن ڪميشن ۾ فارين فنڊنگ جو ڪيس داخل ڪيو هو، جنهن جي لڳاتار 8 سال ٻڌڻي ٿي. پي ٽي آءِ ڪيس ۾ 30 ڀيرا التوا گهريو ۽ ڇهه ڀيرا ڪيس ٻڌڻ جوڳو نه هجڻ يا اليڪشن ڪميشن جي دائري کان ٻاهر هجڻ جون درخواستون داخل ڪرايون. نيٺ 21 جون 2022ع تي اليڪشن ڪميشن هن فيصلي کي محفوظ ڪيو. اليڪشن ڪميشن ان کان اڳ 21 ڀيرا پي ٽي آءِ کي دستاويز ۽ مالي رڪارڊ فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. فنڊنگ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ 9 وڪيل تبديل ڪيا، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن فنڊنگ جي جاچ پڙتال لاءِ مارچ 2018ع ۾ اسڪروٽني ڪميٽي جوڙي. اسڪروٽني ڪميٽي جا 95 اجلاس ٿيا. جنهن ۾ 24 ڀيرا پي ٽي آءِ التوا گهريو. پي ٽي آءِ اسڪروٽني ڪميٽي ۾ درخواست گذار جي موجودگي خلاف 4 درخواستون داخل ڪيون. اسڪروٽني ڪميٽي پي ٽي آءِ کي 20 ڀيرا آرڊر جاري ڪيا ته لاڳاپيل دستاويز فراهم ڪري. اليڪشن ڪميشن آگسٽ 2020ع ۾ اسڪروٽني ڪميٽي پاران جمع ڪرايل رپورٽ اهو چئي رد ڪئي ته اها اڻپوري آهي ۽ تفصيلي ناهي، اسڪروٽني ڪميٽي 4 جنوري 2022ع تي حتمي رپورٽ اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي. اسڪروٽني ڪميٽي پي ٽي آءِ بينڪ اسٽيٽمينٽ بابت اسٽيٽ بئنڪ ذريعي حاصل ڪيل 8 واليم ڳجها رکيا ۽ اليڪشن ڪميشن جي هدايت تي 8 واليم اڪبر ايس بابر حوالي ڪيا.   رپورٽ موجب پي ٽي آءِ اليڪشن ڪميشن کي ڏنل دستاويزن مان 31 ڪروڙ رپين جي رقم ظاهر ناهي ڪئي. پي ٽي آءِ کي وچ اوڀر کان سواءِ آمريڪا، ڪيناڊا، برطانيا، جاپان، سنگاپور، هانگ ڪانگ، سوئزرلينڊ، نيڌر لينڊ ۽ فن لينڊ مان رقم ملي. اسڪروٽني ڪميٽي آمريڪا ۽ ٻين ملڪن مان فنڊنگ جي تفصيلن بابت سوالنامو پي ٽي آءِ کي ڏنو پر ان جو واضح جواب نه ڏنو ويو، پي ٽي آءِ جي پرڏيهي اڪائونٽن تائين پهچ به نه ڏني وئي. هوڏانهن فارين فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ٻڌائڻ وقت ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ هزار پوليس ۽ ايف سي جا اهلڪار مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اسٽيٽ بئنڪ ڊيٽا موجب پي ٽي آءِ جا 26 بينڪ اڪائونٽ آهن، پي ٽي آءِ ايم سي بي، پنجاب بئنڪ ۽ خيبر بئنڪ جا اڪائونٽ ظاهر نه ڪيا.  پي ٽي آءِ 14 بئنڪ اڪائونٽ لڪايا. اهي اڪائونٽ اسد قيصر، شاهه فرمان، عمران اسماعيل، محمود الرشيد، احد رشيد، ثمر علي خان، سيما ضياءُ، نجيب هارون ۽ ٻين کوليا.03

اليڪشن ڪميشن خلاف ٺهراءُ فنڊنگ ڪيس تي دٻاءُ لاءِ لاءِ آهن: فضل الرحمان

چارسدا( م ڊ) جي يو آءِ سربراهه مولانا  فضل الرحمان چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن خلاف ٺهراءُ فارن فنڊنگ ڪيس تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش آهن. ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته عمران خان ادارن کي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. پي ڊي ايم سربراهه چيو ته حڪومت مدو پورو ڪندي، جنهن بعد مقرر وقت تي چونڊون ٿينديون. هن چيو ته عمران خان وڏي برائي آهي، ان کي پاڙان پٽڻ گهرجن.  03

عمران خان تي ڪا پابندي نه لڳندي نه وري نااهل ٿيندو: ڪنور دلشاد

اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن جي اڳوڻي سيڪريٽري ڪنور دلشاد چيو آهي ته آگسٽ جي پهرئين هفتي ۾ فارن فنڊنگ ڪيس جو فيصلو اچي ويندو، خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ڪنور دلشاد چيو ته عمران خان خلاف ويٺل ماڻهو کيس ڊيڄاريندا رهندا آهن ته هو نااهل ٿي ويندو پر ائين ناهي، ان تي ڪا پابندي لڳندي نه هو نااهل ٿيندو. هن چيو ته پنجاب اسيمبلي ۾ جيڪو چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف ٺهراءُ منظور ٿيو، اهو غير قانوني آهي، پرويز الاهي ان کي روڪي ها. سندس موجب چيف اليڪشن ڪمشنر کي گهرجي ته هو اسپيڪر کي طلب ڪري پر انهن جي ته چونڊ ئي غير قانوني آهي ۽ ڪالعدم ٿي سگهي ٿي، جيڪڏهن چيف اليڪشن ڪمشنر کي تبديل ڪرڻ چاهيو ٿا ته سپريم جڊيشل ڪميشن ۾ ريفرنس داخل ڪيو.

فارين فنڊنگ ڪيس اسٽيبلشمينٽ اثاثي طور محفوظ رکيو هو

اسلام آباد (تجزيو: جاويد چوڌري ) فارين فنڊنگ ڪيس اسٽيبلشمينٽ هڪ اثاثي طور محفوظ رکيو هو، جيئن وقت اچڻ ۽ ضرورت پوڻ تي ان کي استعمال ڪري سگهجي، نامياري تجزئي نگار جاويد چوڌري جو چوڻ آهي ته پشتو چواڻي  ته جڏهن سموريون دوائون استعمال ٿي چڪيون هجن ته آخري دوا طور ماکي کاڌي ويندي آهي. سو فارين فنڊنگ ڪيس به عمران خان لاءِ آخري دوا آهي. جنهن استعمال جو وقت به شايد ويجهو اچي ويو آهي. ڇو ته حڪومت جو اليڪشن ڪميشن تي دٻاءُ  وڌي ويو آهي. مريم  نواز ته ڌرڻي جي ڌمڪي  به ڏئي چڪي آهي. ڇو ته ڪيس  جو فيصلو  آيو ته اهڙا انڪشاف سامهون ايندا جو عوام حيران ٿي ويندو. ان جي  خبر صرف عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ کي آهي، ان ڪري  عمران خان ڦٿڪي رهيو آهي ۽ اليڪشن ڪميشن تي بي اعتمادي  ڪندي ريفرنس تيار ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. پر ان جو بچڻ مشڪل نطر اچي رهيو آهي. ويتر برطانوي اخبار ته ڄڻ اڌ  فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن عمران خان جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن.

بابر اعواڻ کي عمران خان فارغ ڪري ڇڏيو

لاهور (عوامي آواز نيوز)عمران خان آخرڪار تنگ ٿي ايڊووڪيٽ بابر اعواڻ کي فارغ ڪري ڇڏيو آهي، نامياري صحافي گوهر بٽ چيو ته ذريعن کان ڄاڻ ملي آهي ته بني گالا ۾ عمران خان ۽ وڪيلن ۾ قانوني معاملن تي ڳالهيون هلي رهيون هيون ته هڪ نوجوان وڪيل عمران خان کي ٻڌايو ته اوهان خلاف 17 ڪيس آهن، جن مان 16 ڪيسن ۾ ته اوهان جي ضمانت ٿيل آهي باقي هڪ ڪيس ۾ ضمانت نه آهي جنهن تي عمران خان فوري طور بابر  اعواڻ کان پڇيو ته جواب ڏنائين ته مون کي ته 16 ڪيسن جي خبر هئي وري عمران خان کيس چيو ته ڪهڙا وڪيل آهيو جو پنهنجي اصيل جي ڪيسن جي به اوهان کي ڄاڻ نه آهي ته بابر اعواڻ چيو ته اصيل کي خبر  هجڻ گهرجي ته مٿس ڪيترا ڪيس آهن، ان جواب تي عمران خان کيس ڇنڊ پٽي ۽ چيو ته  اوهان فارغ آهيو، ڪيسن جي ڄاڻ  ڏيندڙ  نوجوان وڪيل کي چيو ته ايندڙ شنوائي تي بابر اعواڻ جي جاءِ  تي اوهان پيش ٿجو، صحافي گوهر بٽ جو چوڻ آهي ته بابر اعواڻ تڏهن  به پيش ٿيندو ڇو ته جيستائين هٿ پير هڻي ٻئي هنڌ نوڪري نه وٺندو تيستائين عمران خان کي نه ڇڏيندو.

ڪي پي اسيمبلي ۾ به چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف ٺهراءُ منظور

پشاور (م ڊ) پنجاب اسيمبلي کانپوءِ خيبر پختونخواهه اسيمبلي ۾ به چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف ٺهراءُ منظور ڪيو ويو. ٺهراءُ صحت واري وزير تيمور جهڳڙا پيش ڪيو، ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته شفاف چونڊن لاءِ اليڪشن ڪمشنر کي فوري طور استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. ايوان اليڪشن ڪميشن خلاف ٺهراءُ منظور ڪري ورتو، جڏهن ته اپوزيشن طرفان ٺهراءَ جي مخالفت ڪئي وئي.پ پ جي نگهت اورڪزئي احتجاج ڪيو ۽ سيٽ تان اٿي اسپيڪر آڏو احتجاج ڪيو، اي اين پي جي پارلياماني ليڊر سردار حسين بابڪ چيو ته ڄهراءُ پاس ڪرڻ لاءِ هائوس کي موقعو ڏنو وڃي، حڪومت ۾ اپوزيشن کي ٻڌڻ جي جرئت نه آهي.

حڪومتي ساک ايتري ڪريل آهي جو آرمي چيف قرض لاءِ فون ٿو ڪري: عمران خان

اسلام آباد (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته حڪومت جي ساک ايتري ڪِري پئي آهي جو آرمي چيف کي آءِ ايم ايف کان قرض لاءِ فون ڪرڻي پئجي رهي آهي. اسلام آباد ۾ تحريڪ انصاف جي نيشنل ڪائونسل اجلاس سان خطاب ڪندي عمران خان چيو ته اسان پارٽي کي ايولوشن تحت اڳتي وڌايو، جيئن اسان جي پارٽي اڳتي وڌي ائين پاڪستان جي ٻي ڪا پارٽي ناهي وڌي، ملڪ جا معاملا ڏسندي اسان چينج به ڪيو ۽ ايڊاپٽ به ڪيو. هن چيو ته اسان جي سامهون ٻه پارٽيون ڪمزور ٿي ويون، پ پ رڳو سنڌ ۽ ن ليگ سينٽرل پنجاب تائين محدود ٿي وئي آهي، اسان کي انهن کان سکڻ گهرجي، ميرٽ کانسواءِ ڪا به پارٽي نٿي وڌي سگهي. سندس چوڻ هو ته جيڪو پاڪستان ۾ چونڊون هارائيندو آهي، اهو شڪست تسليم ناهي ڪندو، اليڪشن ڪميشن اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو منصوبو ناڪام بڻائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، اي وي ايم اچي وڃي ته ڌانڌلي جا 130 طريقا ختم ٿي ويندا. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو  ته   ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڊالر جو ڪرائسز آيل آهي، ايمرجنسي لڳائڻ گهرجي ته جيئن ڊالر ملڪ کان ٻاهر نه وڃي سگهي. هن چيو ته اسان جي دور ۾ عالمي منڊي ۾ تيل مهانگو هو پر اسان سستو وڪرو ڪيو ۽ هاڻي تيل جا عالمي اگهه گهٽيا آهن پر اسان وٽ پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ اڄ مهانگائي سبب عوام پريشان آهي، خبر ناهي ته مهانگائي مارچ ڪرڻ وارا اڄ ڪٿي آهن. عمران خان عارف نقوي سان واپاري حصيداري بابت سوالن جا جواب نه ڏنا، صحافين جي سوالن تي سندس محافظن صحافين کي ڌڪا ڏنا.  03

اليڪشن ڪميشن تي چڙهائي مناسب ناهي: اعظم نذير

اسلام آباد(م ڊ)وفاقي وزير قانون اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ وارن ڪيئن استعيفائون ڏنيون آهن جو ميمبر پگهارون به کڻي رهيا آهن، لاجز به خالي نه پيا ڪن، هن چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر پي ٽي آءِ جو مقرر ڪيل آهي، فارين فنڊنگ ڪيس جي ڪري اليڪشن ڪميشن تي چڙهائي مناسب ناهي،

اليڪشن ڪميشن پي ڊي ايم جو حصو بڻجي وئي: اسد عمر

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن پي ڊي ايم جو حصو ۽ سياسي ڌر بڻجي چڪي آهي، تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ وڃي رهي آهي، هن چيو ته اليڪشن ڪميشن پاران غيرقانوني ڪم ڪيو ويو، پي ٽي آءِ ان سازش جو حصو بڻجڻ لاءِ تيار نه هئي ان ڪري استعيفيٰ ڏني، اليڪشن ڪميشن مرضي سان 11 استعيفائون منظور ڪيون،

پي ڊي ايم جو اڄ رٿيل سربراهي اجلاس ملتوي

اسلام آباد(م ڊ) پي ڊي ايم جو اڄ رٿيل سربراهي اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف جي ٻوڏ متاثر علا.قن جي دوري سبب اجلاس ملتوي ڪيو ويو، پي ڊي ايم جو اجلاس هاڻِ اربع يا خميس تي ٿيندو،

دنيا ڄاڻي ٿي ته چيف اليڪشن ڪمشنر عمران پاڻ لڳايو هو: خورشيد شاهه

اسلام آباد( م ڊ) پاڻي وسيلن جي وزير خورشيد شاهه چيو آهي ته دنيا ڄاڻي ٿي ته چيف اليڪشن ڪمشنر عمران پاڻ لڳايو هو. ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته پي ٽي آءِ عوام کي بيوقوف نه بڻائي، ڪنهن کي آئين پسند ناهي ته ٺهراءُ ڇا ڪندو. هن چيو ته عارف نقوي جو معاملو نئون ناهي پر برطانيا سان ٿيندو آمريڪا پهتو آهي.03

پي ٽي آءِ ميمبرن جي استعيفائن جي منظوري چئلينج، اڄ ٻڌڻي

اسلام آباد (م ڊ) تحريڪ انصاف پنهنجي قومي اسيمبلي ميمبرن جي استعيفائن جي مرحلي وار منظوري عدالت ۾ چئلينج ڪري ڇڏي. تحريڪ انصاف اڳواڻ اسد عمر 11 اسيمبلي ميمبرن جي استعيفائن جي منظوري خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ آئين جي آرٽيڪل 199 تحت آئيني درخواست داخل ڪرائي. اسد عمر پنهنجي درخواست ۾ قومي اسيمبلي اسپيڪر ۽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي ڌر بڻايو آهي، پر قومي اسيمبلي اسپيڪر خلاف درخواست ۾ اٿارٽي ليٽر نه هجڻ تي هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار اعتراض لاڳو ڪيو آهي. درخواست ۾ عدالت کي اپيل ڪئي وئي ته اليڪشن ڪميشن کي سڀني 123 پي ٽي آءِ ميمبرن کي ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وڃي. درخواستگذار موجب اليڪشن ڪميشن کي سڀئي سيٽون گڏ خالي قرار ڏيڻ جو حڪم ڏنو وڃي، حڪومتي فائدي لاءِ اليڪشن ڪميشن ٽڪرن ۾ سيٽون خالي نٿي ڪري سگهي. اسد عمر درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته عدالت قرار ڏئي ته قومي اسيمبلي جو موجوده اسپيڪر منظور ٿيل استعيفائن ۾ دير ڪرڻ جو اختيار نٿو رکي، اهي استعيفائون اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري منظور ڪري ڇڏيون هيون. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته آرٽيڪل 64 اسپيڪر کي پابند ٿو ڪري ته هو استعيفائون ملڻ تي معاملو اليڪشن ڪميشن کي موڪلي، ميڊيا جي موجودگي ۾ ميمبر جي اسپيڪر کي ڏنل استعيفيٰ واپس نٿي ٿي سگهي. وقتي چيف جسٽس عامر فاروقي اڄ 2 آگسٽ تي ٻڌڻي ڪندو.

چونڊن بابت پي ٽي آءِ ۽ حڪومت ۾ رابطا

لاهور (عوامي آواز نيوز)  عام چونڊن بابت سياسي شخصيتن جا ڳجها رابطا شروع ٿي ويا آهن ۽  پي ٽي آءِ به ڳالهين ۾ شريڪ ٿي وئي آهي،نواز شريف هن مهيني وطن  ورڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته (ن)  ليگ جي انتهائي اهم اڳواڻ ٻڌايو آهي ته نواز شريف جي حفاظتي ضمانت ڪرائي ويندي ۽ هو هن مهيني واپس اچي ويندو.سندس تاريخي استقبال ڪيو ويندو. جهڙو 1986ع ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو ٿيو هو، استقبال جي تياري جي ذميواري مريم نواز حوالي ڪئي وئي آهي.  ٻئي طرف ذريعن کان ڄاڻ ملي آهي ته پي ٽي آءِ آڪٽوبر يا  نومبر ۾ چونڊن جو شرط رکيو آهي جڏهن ته حڪومت لچڪ جو مظاهرو ڪندي مارچ يا اپريل ۾ چونڊون ڪرائڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي، پر جيڪڏهن نواز شريف هن مهيني اچي ٿو ته پوءِ اهو ممڪن آهي ته مارچ کان اڳ چونڊون ٿي وڃن، ڇو ته نواز شريف جي اچڻ سان ڪارڪن سرگرم ٿي ويندا ۽  پوءِ ان گرما گرميءَ کي ٿڌو ٿيڻ نه ڏنو ويندو ۽ چونڊ مهم شروع ٿي ويندي پر اڄ  فارين فنڊنگ ڪيس جو فيصلو به اهم آهي جنهن فيصلي اچڻ سان صورتحال تبديل به ٿي سگهي ٿي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.