ميهڙ: تعلقي ۾ گيسٽرو تيزي سان پکڙجڻ سان لڳي، اسپتال ۾ مريضن جي رش

ميهڙ تعلقي ۾ گيسٽرو تيزي سان پکڙجڻ سان لڳي آهي، جڏهن ته اسپتال ۾ مريضن جي رش لڳل آهن.

تعلقي اسپتال ميهڙ ۾ هڪ ڏينهن اندر مختلف ڳوٺن کان گيسٽرو ۾ ورتل مرد عورتن ۽ ٻارڙن سوڌو 50 کان وڌيڪ ماڻهو پهتا.

اسپتال پهتل مريضن مان 20 ڄڻن کي طبي امداد بغد فارغ ۽ 20 کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 10 مريضن کي وڌيڪ علاج لاءِ لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو.

اسپتال ۾ بيڊ پورا هجڻ ڪري 3-3 مريضن کي هڪ بيڊ تي رکيو ويو آهي، جڏهن ته سخت گرمي ۽ بجلي لوڊشيڊنگ سبب مريض کي ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي.

ٻئي پاسي شهر جي سڄاڻ ڌرين گيسٽرو جي تيزي سان پکڙجڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي صحت کاتي کان مطالبو ڪيو آهي ته مرض کان بچاءَ لاءِ اپاءَ وٺي اسپتال ۾ داخل مريضن کي سهولتون ڏنيون وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.