بدين ۾ صحافي برداري جو پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو

بدين ۾ صحافي برداري پاران پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

صحافي برادري شوڪت ميمڻ، تنوير آرائين، هارون گوپانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته حق سچ لکڻ تان بدين پوليس صحافي برداري خلاف رڻ ٻاري ڇڏيو آهي، جڏهن ته مهيني اندر8 صحافين تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

سندن چوڻ هو ته ڪوڙا ڪيس داخل ٿيڻ خلاف صحافي برادري سراپا احتجاج بڻيل آهي پر ڪو به نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي.

هنن آءِ جي سنڌ ۽ پوليس ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بدين پوليس جي زيادتين جو نوٽيس وٺي صحافين تي داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.