محرم الحرام: مختلف مڪتب فڪر جي عالمن جو اجلاس، اهم فيصلا ڪيا ويا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مذهبي معاملن واري وزارت ۾ مختلف عالمن جو اهم اجلاس ٿيو جنهن جي صدارت مذهبي معاملن واري وزير مفتي عبدالشڪور ڪئي.

اجلاس ۾ مختلف مڪتب فڪر جي عالمن شرڪت ڪئي جنهن بعد اتفاق راءِ سان پڌرائي جاري ڪئي وئي.

پڌرائي موجب سمورا مڪتب فڪر پاڻ ۾ محبت ۽ رواداري قائم ڪرڻ جي دل سان ڪوشش ڪندا جڏهن ته ٻين فرقن جي اڳواڻن جو احترام ڪندا ۽ هڪ ٻئي جي توهين کان پاسو ڪندا.

پڌرائي ۾ چيو ويو آهي عالم سڳورا ۽ ليکڪ پنهنجين تقريرن ۽ لکڻين ۾ توازن پيدا ڪن ۽ اهڙا چڙ ڏياريندڙ بيان ۽ لکڻيون نه لکن جن سان ٻين جي دل آزاري ٿئي.

پڌرائي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته فرقيواراڻن تڪرار کي گڏيل مشاورت ۽ سنجيده ڳالهين جي اصولن جي روشني ۾ طئي ڪبو، عوامي پليٽ فارم تان پنهنجن مخالفن خلاف ڳالهائڻ کان پاسو ڪيو ويندو.

اتفاق ڪيو ويو ته سڀئي عالم امت جي ادب ۽ احترام کي نظر ۾ رکندا ۽ ڪنهن کي تنقيد جو نشانو نه بڻايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.