همايون ڀرسان ڀيڻ ڀاءُ سميت 4 ٻار ٻڏي فوت، گهرن ۾قيامت برپا

سلطان ڪوٽ/ميان صاحب (طارق سڌايو+ مظفر ملڪ) همايون ڀرسان ٻن الڳ الڳ هنڌن تي ڀيڻ ڀاءُ سميت 4 ٻار ٻڏي فوت، گهرن ۾ قيامت برپا.رپورٽ موجب همايون ٿاڻي جي حد ڳوٺ مقيم چانڊيو ۾ 4 ورهين جو عبدالوهاب پٽ عبدالحميد چانڊيو گهر ٻاهران پاڻي جي تلاءَ ۾ ڪري پيو، جنهن کي بچائيندي سندس 7 ورهين جي ڀيڻ ڪزبانو پڻ ٻڏي وئي، جن جا لاش اڌ ڪلاڪ کان پوءِ تلاءَ مان ڪڍيا ويا، ٻنهي ڀيڻ ڀاءُ  جا لاش گهر آڻڻ تي قيامت برپا ٿي وئي.ٻئي طرف ڳوٺ خالق ڏنو واهه ڀرسان ڳوٺ محمد عمر کوسو ۾ تلاءَ ۾ وهنجندي 7 سالن جي ڪنول ڌيءُ محمد عيوض کوسو ۽ 8 ورهين جي زرينا ڌيءُ امداد علي کوسو ٻڏي ويون، وارث تلاءَ ۾ ٻڏل ٻارڙين کي بيهوش حالت ۾ همايون شهر جي خانگي اسپتال کڻائي پهتا، جتي ڊاڪٽر ٻنهي ٻارڙين جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.