ڪورونا وبا: مجلسن ۽ جلوسن ۾ ماسڪ پائڻ جي هدايت

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 3.29 سيڪڙو رهي، جڏهن ته هڪ مريض لاڏاڻو پڻ ڪري ويو.

صحت جي قومي اداري طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جون 20 هزار 80 ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 661 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي.

انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ مريض لاڏاڻو ڪري ويو، جڏهن ته هن وقت ملڪ ۾ 171 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

هوڏانهن صحت جي قومي اداري محرم الحرام جي حوالي سان هدايتون به جاري ڪري ڇڏيون آهن.

هدايت نامي ۾ چيو ويو آهي ته ايس او پيز تي عمل ڪري ئي ڪورونا وائرس کان بچي سگهجي ٿو، تنهن ڪري ماسڪ پايو، سماجي وٿي رکو ۽ ويڪسين لڳرايو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.